Friday , March 29 2024

سارنگ شر ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي، سهولتڪار ڊرائيور سميت 2 ڄڻا گرفتار

ٺري ميرواهه بدفعلي ڪيس ۾ پوليس جوابدار سارنگ شر جي نشاندهي تي گرفتار ڪيل ٻن ڄڻن مان هڪ صحافي سڏائيندڙ به شامل

فيض گنج (رپورٽ: ضياءَ آرائين سنڌسماءَچار) ٺري ميرواهه ۾ معصوم ٻارڙن سان بدفعلي ڪري وڊيوز ڀرڻ واري ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي، پوليس سهولتڪاري جي الزام هيٺ هڪ ڊرائيور سميت ٻن مبينا جوابددارن  کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. معصوم شاگردن سان بدفعلي ڪري وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ واري ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، بدفعلي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل مک جوابدار سارنگ شر کان پڇا ڳاڇا دوران مليل شروعاتي معلومات مطابق وڊيوز رڪارڊنگ واري معاملي ۾ هڪ مبينا جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، مک جوابدار سارنگ شر کي ٺري ميرواهه مان فرار ٿيڻ ۽ مختلف وقتن تي ساڻس گڏ سفر ڪندڙ هڪ ٽيڪسي ڊرائيور کي به گرفتار ڪرڻ بعد ٻنهي مبينا جوابدارن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن کانن مليل ڄاڻ مطابق گرفتار ڪيل هڪ مبينا جوابدار بدفعلي ڪييس جي مک جوابدار سارنگ شر جون وڊيوزرڪارڊ ڪيون يا انهن وڊيوز سان ان جوابدار جو پنهنجو ڪو لاڳاپو آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته، ان ڳالهه کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي ته جوابدار سارنگ شر ۽ ان جوابدار جيڪو پاڻ کي صحافي سڏائي رهيو آهي.

سارنگ شر ڪيس ۾ پوليس پاران ٿيندڙ گرفتارين واري معاملي تي سڄاڻ حلقن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدار جي ڏنل بيان جي بنياد تي گرفتاريون سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجن، ڇو ته جوابدار وڏو شاطر آهي ۽ هن موقعي تي، ذاتي دشمنيون به پاڙي سگهي ٿو ۽ ان ساان ڪيس جي جاچ جو رخ تبديل ڪري سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *