Friday , March 29 2024

سائين جي ايم سيد جي 25 هين ورسي ملهائي وئي، سن ۾ قومپرستن جا جلسا

سن (خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار) سنڌ ۾ جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 23 هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، سن ۾ جسقم سميت ٻين قومپرست جماعتن پاران ڌار ڌار جلسا منعقد ڪيا ويا، اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي خوشحالي سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري پاليسي تي عمل سان ئي ممڪن آهي. جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 23 ورسي جسقم سميت مختلف قومپرست پارٽين پاران سن ۾ ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ريلين جي صورت ۾سن پهچي سائين جي ايم سيد جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙھي کيس ڀيٽا پيش ڪئي . جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ صفدر سرڪي گروپ ۽ جسقم آريسر گروپ پاران ورسي جا ڌار ڌار جلسا ڪيا ويا.

ورسي جي جلسي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته اسان سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري فلسفي جا پوئلڳ آهيون. صنعان قريشي چيو ته، سنڌ جي حقن جو تحفظ سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري فلسفي تي عمل ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي ۽ اهو ئي سنڌ جي خوشحالي جو ضامن آهي. جسقم سربراهه چيو ته، هڪ سازش تحت سنڌ ۾ ترسيل غير قانوني پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو.ان موقعي تي جسقم اڳواڻن امجد مهيسر، ڪيهر انصاري، قاري گهانگهرو، صفدر تنيو، ديدار شام، ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ، اطهر سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو. جسقم آريسر گروپ پاران سائين جي ايم سيد جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي، جسقم آريسر جي قائم مقام چئرمين امير آزاد پنهور چيو ته سائين جي ايم سيد سياسي اخلاقيات، ڪردار، جرئت، ۽ ثابت قدمي جو نالو آھي. سنڌ جي جياپي جو اڪيلو دڳ سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد جي فلسفي ۾ آهي ۽ ان کان سواءِ ٻيو رستو ناهي. هن چيو ته سنڌ ۾ڌارين آباد ڪرڻ لاءِ کين ڪارڊ جاري ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ان لاءِ جيڪا به جدوجهد ٿيندي اسان ان ۾ گڏ هونداسين.

جيئي سنڌ تحريڪ پاران ڪوٺايل جلسي ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل، جست سربراهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي پاران لکت ۾ موڪليل پيغام هڪ ڪارڪن پڙهي ٻڌايو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته، سائين جي ايم سيد امن ۽ محبتن جي پرچار ڪندڙ سنڌ جو سچو عاشق هو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي جياپي ۽ سنڌي قوم جي حقن لاءِ زندگي جو وڏو حصو قيد ۽ نظربندين ۾ گذاريو، آخري دم تائين پنهنجي مقصد تان نه هٽيو. صفدر سرڪي جو پيغام ۾ چوڻ هو ته،  غير قانوني پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري سنڌين کي اقليت ۾تبديل ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن ۽ اهڙيون سازشون ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪيون پيون وڃن جن کي هاڻي قانوني حيثيت ڏني پئي وڃي. جلسي کي عبدالفتاح چنو، گدا حسين ڪنگو، رحمان جتوئي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نواز خان زئنور، پنهل ساريو، شبير جمالي. سورهيه سنڌي ۽ ٻين سائين جي ايم سيد جي مزار تي پهچي حاضري ڏني جنهن بعد واپس روانا ٿي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *