Friday , March 29 2024

زيد ٽالپر جي اصل وڊيو منظر تان گم: “آصف زرداري چور ۽ سندس چور پارٽي ۾ شامل ٿي جنريشنز جو سودو نه ڪيو”: زيد ٽالپر کي تقرير ڳچيءَ ۾ پئجي وئي

zaid son

ڪنري جي زميندار ۽ پ پ مخالف زيد ٽالپر جي ٿاڻي کان اڳ ۾ پنهنجي اوطاق ۾ ڪيل تقرير منظر تان غائب ڪئي وئي آهي. ان وڊيو بعد ٿاڻي تي اچڻ واري وڊيو جي بنياد تي سندس خلاف ڪاررواين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

زيد ٽالپر پنهنجي اوطاق تي ڪيل تقرير ۾ چيو هو ته، ننڍن مفادن جيڪري پنهنجي جنريشنز کي تباهه نه ڪيو، ايريگيشن، روينيو، پوليس ۽ ٻيا کاتا حڪومت جي ڪمداري ڪري رهيا آهن. چور آصف زرداري جي پارٽي ۾ شامل ٿي پنهنجي جنريشنز کي تباهه نه ڪيو، اهڙي غلامي نه ڪرڻ گهرجي. سڄي سنڌ موهن جو دڙو بڻجي وئي آهي، اسان جي ماڻهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. مان چئليج پيو ڪيو ته توهان ڪيس داخل ڪري ڏيکاريو”.

سوشل ميڊي تي آيل ان وڊيو ۾ زيد ٽالپر ان تقرير دوران هڪ شاخ جي دروازي جي چاٻي به پاڻ سان گڏ رکيل ڏيکاريندي چئي رهيو آهي ته، شاخ ( جنهن جو نالو وڊيو مان ڪٽيل/ايڊٽ ٿيل آهي) هڪ هفتي کان بند پي آهي، پاڻي ڪونهي(اتي وري وڊيو ۾ جهاڪو آهي، لڳي ٿو ڪٽيل/ايڊٽ ٿيل آهي).

تقرير ۾ زيد ٽالپر چئي ٿو ته “ مان اها اپوزيشن نه آهيان جيڪا خاموش ٿي وڃي، ڪجهه ماڻهن جا نالا وٺي چئي ٿو ته اوهان سان زيادتيون ٿين پيون انهن جي خلاف آواز اٿاريون اسان کي ٻڌايو ۽ جيڪڏهن مان اوهان سان گڏ نه بيهان ته پوءِ چئجو”.

زيد ٽالپر چئي ٿو، ته “آءُ ڪنري جي ماڻهن کان پڇڻ ٿو چاهيان ته آخر اوهان سوچيو ڇا آهي، ڇا غلامي ڪرڻ ٿا چاهيو، اهڙي غلامي کان ته بهتر آهي ڪٿي وڃي ٻڏي مرڻ گهرجي.”

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *