Friday , March 29 2024

زيبسٽ ڪراچي جو شاگرد سرواڻ اوستو نوجوانن لاءِ اتسهائيندڙ ڪردار

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي (زيبسٽ ڪراچي) ۾ ڪمپيوٽرسائنس ۾ پڙهندڙ شاگرد سويٽ فوڊ جو اسٽال لڳائي نوجوانن لاءِ مثالي  ڪردار بڻجي ويو آهي، سرواڻ اوستو ڊفينس جي بدر ڪمرشل واري علائقي ۾ وانس ووفر جيڪا انگريزن جي پسنديده سويٽ ڊش آهي کي متاعرف ڪرائي اسٽال لڳايو آهي. سرواڻ جو ان ڳالهه ۾ ايمان آهي ته محنت ۽ پورهيو ڪو به گهٽ يا شرمندگي جو سبب ناهي هوندو، پنهنجي محنت سان ا ڳتي وڌڻ ۽ ” سيلف ميڊ “ ٿيڻ ۾ ڪوم به حرج ناهي.

سرواڻ اوستو اصل ۾ پياري آفاق ڀٽي جي دريافت آهي، جنهن سان پوءِ اسان ٻنهي ڪچهري ڪري سڄو حال احوال ورتو.

نوجوان سرواڻ پنهنجا آرڊرز مڪمل ڪرڻ بعد اسان وٽ اچي ويٺو، ان کان اڳ جو اسان کائنس مڪمل تعارف پڇون، هن اهو حملو اسان تي ڪري ڇڏيو، فقير آفاق ڀٽي ۽ مان پنهنجو حال احوال ڏنو، آفاق ڀٽي کيس پهريان مڪمل همٿ افزائي ڪئي ۽ پوءِ ٿيو حال احوال شروع، جيڪو بار فقير منهنجي مٿان رکي ڇڏيو.

سرواڻ منهنجي وکريل سوالن تي ٻڌايو ته، هُو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي (زيبسٽ ڪراچي) ۾ ڪمپيوٽرسائنس جي آخري سال جو  شاگرد آهي، پڙهائي دوروان کي ڪو هلڪو ڦلڪو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ سوچيو، ڪم اهڙو ڪرڻ پئي چاهيو جيڪو منفرد به هجي ته بلڪل نئون يا وري تمام گهٽ ٿيندو هجي، سيڙپ به مناسب ۽ اهُو ائٽم مهانگو به نه هجي“.سرواڻ ٻڌايو ته، ” ڪنگ جي مختلف چئنلز تي ڳولا ڪئي ڪجهه نه مليو، نيٺ يوٽيوب تي ڪنگ جا چئنلز ڏٺا، نيٺ هڪ ڏينهن ”وانس وفر “ نظر مان گذريو، جيڪو صاف سٿرو ۽ تمام گهٽ سيڙپ ۾ ڪري سگهجي پيو ۽ نيٺ مون به بسم الله ڪري ان ڪم ۾ هٿ وڌو.

هتي ڊفينس جي بدر ڪمرشل جهڙي ڪاروباري مرڪز ۾ هي دڪان، مشين ۽ ٻي سيڙپ اوهان ڪيئن ڪئي؟

مسڪرائيندي سرواڻ جواب ڏنو ته، ” چاچا هي سڀ سيڙپ ايتري ڪونهي، سڄي سيڙپ 60 هزار رپين جي آهي بس، اصل سيڙپ ته همٿ ڪري هي اسٽال لڳائڻ هئي، سيڙپ 60 هزار نه پر اها ڪرڻي هئي ته “ماڻهو ڇا چوندا، دوست يارن کي خبر پوندي ته ڇا چوندا” ان کي درگذر ڪري ڇڏڻ ئي اصل سيڙپڪاري هئي، جيڪا منهنجي لاءِ ڪو به مسئلو نه هئي” سرواڻ ڳالهائيندو ويو ۽ مان کيس ٻڌندو رهيس.

هن ٻڌايو ته ” هي هوٽل وارو به سنڌي آهي، سٺي گراهڪي اٿس، هن کي مون پنهنجي ڳالهه ٻڌائي ته هن به منهنجي همٿ افزائي ڪئي ۽ پنهنجي هوٽل ٻاهران مونکي هي ٽَي باءِ ٽَي جي هي ڪيبن رکڻ ۽ بجلي جي سهولت ڏني، سواءِ بجلي ۾ شيئر ڪرڻ جي مونکان ڪا به چارجز ناهي وٺندو”.

اوهان جيڪا وانس ووفر واري سويٽ ڊش متعارف ڪرائي آهي اُها اصل ۾ ڪهڙي ملڪ جي آهي؟

” هي ڊش انگريز ڏاڍاي شوق سان کائيندا آهن، خاص طور تي ناشتي ۾ يا وري ڏينهن جو هلڪي ڦلڪي بک ۾ ڪافي يا ڪولڊ ڊرنڪ سان گڏ به استعمال ڪري سگهجي ٿي، هن ۾ مختلف فليورز به ٿين ٿا، اوهان هن ۾ آئس ڪريم وجهي به کائسي سگهو ٿا، منهنجو ارادو آهي ته وانس ووفر کي باقائدا ڪراچي ۾ متعارف ڪرائيندس، ڪوشش آهي ته ڊفينس يا ڪلفٽن جي ڪنهن سٺي شاپنگ مال ۾ ننڍڙو دڪان يا هن وانگر ئي ڪيبن ٽائپ اسپيس ڪرائي تي وٺي اتي به شروع ڪيان، پر خواهش آهي ته هي بدرڪمرشل وارو اسپاٽ جتان مان هي شروعات ڪئي آهي اهو قائم رکان، ان جو ڪو نه ڪو بندوبست ڪندس.”

ڀلا هاڻي اچون اصل ڳالهه تي، اهو ٻڌايو ته اوهان روزانو ڪيترو ڪمائي ٿا وڃون؟ سرواڻ مسڪرائيندي چيو ته الله جو ڪرم آهي ايتري روزي ٿي وڃي ٿي جو خرچ پکو نڪري ٿو وڃي، ٻه رپيا ڏهاڙي جا بچي به وڃن ٿا، ضروري ڪونهي ته روزانو هزارين رپيا ڪمائجن، پنهنجي محنت ۽ پگهر جي پورهئي جا جيڪي به ٻه رپيا بچن ٿا، پنهنجا ته آهن، گهڻن پئس جي في الحال لالچ ناهي، منهنجي ڪوشش آهي ته هن ڪاروبار کي مضبوط ۽ مشهور ڪيان، فوڊ پانڊا جي فهرست ۾ به شامل آهيان، اڃا هن کي وڌيڪ ڪمرشلائيز ڪرڻ جا آئيڊياز آهن، پر اُهي في الحال شيئر نه ڪندس”.

موڪلائيندي موڪلائيندي سرواڻ چيو ته ” مونکي تعجب سان گڏ خوشي به ٿي آهي ته، ٻن مهينن دوران مونکان ڪنهن به مڪمل حال احوال ناهي ورتو، ڪجهه ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهو به ايندا آهن، پر اوهان اچڻ سان مون سان حال احوال ڪيو اها ڳالهه به منهنجي لاءِ همٿ افزائي کان گهٽ ناهي”.اسان وڏا ٽهڪ ڏئي کيس ڀاڪر پائي موڪلائي هليا آياسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *