Thursday , April 18 2024

زندگي جو ڏيئو گُل / آپگهات قتل جو ٻيو نالو – موڳو مٽر

زندگي جو ڏيئو گُل / آپگهات قتل جو ٻيو نالو آهي، آپگهات قتل جو ٻيو نالو آهي، شهيد عرفان مهدي کان وٺي نمرتا تائين پيرا کڻو قتل نه هجن ته موڳي مٽر کي مهٽي دال ڪري ڇڏيو……

کوڙ آپگهات ته قتل کان وڌيڪ خطرناڪ، ڏکوئيندڙ، ڀوائتا، مهينن جي نه تڏهن به ڪيترن ئي ڏينهن جي سوچ ويچار کان پوءِ جو نتيجو هوندو آهي…

ها ! ڪو زندگي جو ڏيئو گل ڪري ڇڏي اُهو به پڙهيل لکيل ماڻهو، ايڏو سؤلو ڪم ته ناهي نه….

ڪجهه عرصو اڳ هڪ آپگهات تي جڏهن ڪنهن اهو لکيو هو ته ”آپگهات پويان قاتل جا پيرا ٿا لڳن“ ته ان شخص جيڪو ڀوڳيو، اُهو هڪ هُو ٿو ڄاڻي ٻيو جن کيس ڀوڳرايو….

زندگي جو ڏيئو گل ڪندڙ جا هٿ پنهنجا پر عمل ڪرائيندڙ ڪو ٻيو هوندو آهي…..

زندگي جو ڏيئو گل ڪرڻ جي پويان، ڪٿي ڀاءُ ته ڪٿي، پيءُ هجي ٿو، ڪٿي، ماءُ ته ڪنهن مهل مڙس هجي ٿو، زال به آپگهات جو ڪارڻ بڻجڻ کي بچيل ناهي هوندي، مذهب به آپگهات ڪرڻ جو ڪارڻ هجڻ کان آجو ڪونهي پر پوءِ به ان جي پويان هوندا انسان ئي آهن…

ها ! ڪير مڃي نه مڃي اها ان جي مرضي آهي آهي پر حقيقت اها آهي ته، آپگهات قتل کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ وڏو ڏوهه آهي، پوءِ ان جو ڪارڻ ڪهڙُ به هجي ۽ اهو ڪارڻ پيدا ڪندڙ ئي ان آپگهات ڪندڙ جو اصل قاتل هجي ٿو، رهي ڳالهه سزا جي ته اها ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ملي ويندي آهي….

اوهان مان ڪو دانشور ڪو صحافي آهي، ڪو پروفيسر، ڊاڪٽر، دانشور ته ڪو سماج سڌارڪ…..

هاٰ سچي هڪ ٻي ڳالهه وسري وئي، اُها اِها ته پاڻ آهيون ٺپ اڻپڙهيل سو ٻيلي ڪنهن جي دل آزاري ٿئي ٿي ته خير آهي…. ان جو مطلب اهو ٿورئي آهي ته ڪو اڻپڙهيل ٿهورو گهڻو سوچي نه ٿو سگهي ۽ ڪو ناراض ٿئي ٿو ته دل جي ڳالهه نه ڪجي، هونئن به ماڻهن جون ناراضگيون هن موڳي مٽر سان هروڀرو به هونديون آهن…. سو خير آهي، هڪ وڌيڪ به هلي ويندي….

About Asghar Azad

Check Also

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *