Tuesday , April 16 2024

زمينن جو غير قانوني الاٽمينٽ ڪيس، عدالت پاران ڳهڻو جتوئي ۽ معشوق جتوئي کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي ( اصغر آزاد سنڌ سماءَ چار) ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي ۾ غير قانوني طريقي سان زمين الاٽ ڪرائڻ واري ڪيس ۾ عدالت، لاڙڪاڻي جي مشهور بلڊر ڳهڻو خان جتوئي، پ پ لاڙڪاڻي جي انفارميشن سيڪريٽري معشوق جتوئي سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ، ڪراچي ۾ زمين الاٽمينٽ ڪرڻ واري معاملي ۾ ڊپٽي ڪمشنر. اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ هڪ مختيار ڪار سميت 5 جوابدارن خلاف زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن پوليس ڪيس جو چالان پيش ڪيو، جيڪو عدالت  قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، عدالت چالان واپس ڪندي ڪيس جي جاچ ڪندڙ اينٽي ڪرپشن عملدارن / پوليس کي هدايت ڪئي ته پهريان جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته، زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدارن، ڳهڻو خان جتوئي، معشوق جتوئي، ڊي سي زاهد ميمڻ، اي سي سراج دراني، مختيارڪار لطيف بروهي سميت سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪري چالان جمع ڪراچي وڃي.

ياد رهي ته جوابدارن تي الزام آهي ته هنن ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي ۾ زمينن جي کاتن ۾ هيراڦيري ڪري سرڪاري خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *