Thursday , March 28 2024

زبردست خان مهر مهر گرفتار، اويس قادر شاهه پريشان

زبردست خان مهر مهر گرفتار، خورشيد شاهه ۽ سندس ناٺي اويس قادر شاهه لاءِ ڏکيائين ۾ اضافو

سکر (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سينئر پ پ اڳواڻ ۽ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه جي نيب هٿان گرفتاري کانپوءِ سندس ناٺي ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جي وزير اويس قادر شاهه جي مبينا فرنٽ مين کي به نيب گرفتار ڪري ورتو آهي، اويس قادر شاهه کي نيب سکر جي ٽيم علي واهڻ ۾ ڪارروائي ڪري گرفتار ڪرڻ بعد نيب ڊائريڪٽوريٽ سکر منتقل ڪري ڇڏيو آهي. نيب سکر ايم اين اي خورشيد شاهه سندس ناٺي اويس قادر شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن سميت ڪرپشن جي الزامن جي جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي، نيب سکر جي ٽيم سکر جي علي واهڻ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري اويس شاهه جي ويجهي ساٿي ۽ مبينا فرنٽ مين زبردست خان مهر کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو.

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير اويس شاهه خلاف جاچ آخري مرحلي ۾ آهي، زبردست خان مهر کان اُن حوالي سان جاچ ڪرڻي آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته زبردست خان مهر هڪ آئيس فيڪٽري ٺاهي، جنهن لاءِ ورتل پلاٽ جي حوالي سان جاچ هلندڙ آهي. واضح رهي ته زبردست خان مهر نيب هٿان گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت به ورتي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *