Friday , March 29 2024

زال، سَسُ ۽ پٽ جو قاتل گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، مختلف بهانا ڪرڻ لڳو

خيرپور (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) خيرپور شهر ۾ نينگر، سندس ماءَ ۽ ناني جي قتل واري سانحي جو ڊراپ سين ٿي ويو آهي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ڏوهه به مڃي ورتو آهي. خيرپور ڪجهه ڏينهن اڳ نينگر سندس ماءَ ۽ ناني جي قتل واري واقعي جي جاچ بعد پوليس قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار ڪيل جوابدار پرائمري ماستر سجاد لاڙڪ پوليس جي تحويل ۾ ميڊيا جي نمائندن آڏو قتل جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته، ”منهنجي سَسُ مسمات ثريا دائپو ڪندي هئي، هوءَ غيرقانوني طريقي سان عورتن جا حمل ضايع ڪرڻ ۾ ملوث هئي ۽ منهنجي زال به هن جو ساٿ ڏيندي هئي. مون ٻنهي کي اهو ڪم ڪرڻ کان ڪيترائي ڀيرا منع ڪئي پر اُهي ان ڪم کان نه مڙيون، مجبور ٿي انهن ٻنهي کي قتل ڪيو“، جوابدار ميڊيا کي ٻڌايو ته، ” زال ۽ سس کي قتل ڪري گهران نڪري رهيو هئي ته 8 سالن جو پٽ سامهون آيو، جنهن کي ڏسي خوف ٿيو ته هي ماڻهن کي ٻڌائيندو، تنهنڪري کيس به قتل ڪري ڇڏيو“. جوابدار، سجاد لاڙڪ چيو ته ٽنهي کي قتل ڪرڻ بعد مائٽن ۽ دوستن کي فون ڪري ڊرامو رچايو ۽ کين ٻڌايو ته جوابدارن گهرڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، ياد هجي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شاهه لطيف ٿاڻي جي حد مراد علي شاهه پاڙي ۾ جوابدار پرائمري ماستر سجاد لاڙڪ پنهنجي سس مسمات ثريا بانو، گهرواري شهناز ۽ 8 سالن جي پٽ عبدالباسط کي چاقو جا وار ڪري قتل ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *