Friday , March 29 2024

روهڙي ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن شادي جي ڪاڄ تي حملو، گهوٽ جو پيءُ مارجي ويو.

kandhra map

روهڙي ڀرسان ڳوٺ درگاهي ۾ هٿياربندن پوليس اهلڪار جي پٽ جي شادي واري ڪاڄ تي حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ جو پيءُ پوليس جو اي ايس آءِ صوبو خان ورياهه ٿڏي تي مارجي ويو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل صوبي خان ورياهه پٽ  اي ايس آءِ صوبو خان ورياهه جي پٽ جي شادي دوران 5 هٿياربندن ڪاڄ تي حملو ڪيو. حملي دوران گهوٽ جو پيءُ 52 ورهين جو اي ايس آءِ صوبو خان سخت زخمي ٿي پيوجنهن کي اسپتال منتقل ڪيو پي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

مارجي ويل پوليس اهلڪار جي وارثن جو چوڻ آهي ته، سندن ڪنهن سان ڪا به دشمني نه آهي، هُو اهو به نه ٿا ڄاڻن ته ساڻهن هي ويڌن ڪنهن ۽ ڇو ڪئي آهي، صوبو خان پوليس ۾ هو ممڪن آهي ته ڪنهن ڏوهاري ٽولي سندن همراهه کي ماريو هجي، پر اهو سندن شڪ آهي.

مارجي ويل اي ايس آءِ جي وارثن ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته قتل واري واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي تڪڙُ گرفتار ڪيو وڃي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو ڏوهارين جو من وڌي وڃي ۽ هُو علائقي ۾ وڌيڪ ڪو جاني نقصان ڪن.

About Asghar Azad

Check Also

شهيد پروفيسر اجمل ساوند جو قتل، بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سميت ڪنهن به پ پ اڳواڻ مذمت نه ڪئي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ڪشمور ۾ قبيلائي تڪرار تان شهيد ڪيل پروفيسر اجمل ساوند …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *