Thursday , April 25 2024

رونتي جي  ڪچي ۾ شرن جي ڳوٺ ۾ راڪيٽ لانچر ڦاٽي پيو، 3 ٻارڙا مارجي ويا

ڪچي جي ڳوٺ عمر شر ۾ راڪيٽ لانچر جو ڌماڪو، ٽي معصوم ٻارڙا اجل جو شڪار بڻجي ويا، پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي

گهوٽڪي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) گهوٽڪي  جي رونتي واري ڪجي علائقي ۾ گهر اندر راڪيٽ لانچر ڦاٽي پيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 معصوم ٻارڙي مارجي ويا، پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ۽ نه ڪيس داخل ڪيو آهي. ڪچي جي ڳوٺ عمر شر ۾ ڳوٺاڻي سبزل شر جي گهر اندر ٻارڙا راڪيٽ لان چر کي رانديڪو سمجهي کيڏي رهيا هئا ته اوچتو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ معصوم نينگري بَچُل ڌي سبزل شر ٿڏي تي مارجي وئي، ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڄام، ارشد ۽ اربيلو شر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي پوليس پهچي اسپتال منتقل ڪرايو، جتي زخمن جا سور نه سهندي 12 ورهين جو نينگر اربيلو ۽ 8 سالن جو ڄام شر به زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي ٽي ٿي وي. ڌماڪي جو پوليس ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪيو ۽ نه ئي راڪيٽ لان چر هجڻ واري معاملي جا ڪا جاچ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي بچي ۽ اربيلو شر پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ آهن، جڏهن ته فوتي نينگر ڄام شر سندن سئوٽ آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪي جو آواز ايڏو هو جو پري پري تائين ٻڌو ويو. فوتي نينگرن جي والدين ٻڌايو ته ٻارڙا راڪيٽ لانچر جي گولي سان راند کيڏي رهيا هئا ته چُلهه جي چڻنگ اُٿي ۽ پوءِ اوچتو ڌماڪو ٿيو، جنهن سندن سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو.

ڊي آءِ جي عرفان بلوچ 24ڪلاڪن اندر پنهنجي بيان تان ڦري ويو

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *