Saturday , April 20 2024

رمضان المبارڪ دوران مسجدون کوليون ويون ۽ لاڪ ڊائون سخت نه ٿيوته ڪرونا وائرس تيزي سان وڌندو: پي ايم اي اڳواڻ

لاڪ ڊائون سخت ڪيو، ائين نه ٿئي جو اسپتالن ۾ مريضن لاءِ جاءِ نه بچي: ڊاڪٽر باري

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماچار) سنڌ جي ماهر ڊاڪٽرز ۽ ڪرونا جي مرض سان اڳئين مورچي تي جهيڙيندڙ ڊاڪٽرز وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته، لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت نه ڪيو ويو ته صورتحال انتهائي خراب ٿي ويندي، حڪومت ۽ عالم ڳالهه سمجهن ئي نه ٿا. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انڊس اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر باري، ڊاڪٽر عاطف، ڊاڪٽر قيصر، ڊاڪٽر فيصل سجاد ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لاڪ ڊائون ابتدائي ڏينهن ۾ ٺيڪ هيو ان تي عمل به صحيح نموني سان ڪرايو پئي ويو پر هاڻي اهو لاڪ ڊائون نه پر ان جي نالي تي مذاق بڻجي ويو آهي. ڊاڪٽر عبدالباري چيو ته ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، اسان حڪومت کي خبردار ڪيون ٿا ته صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿي رهي آهي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو ڪرونا جا ڪيس ايترا وڌي وڃن جو اسپتالن ۾ صرف ڪرونا جي ئي مريضن لاءِ جاءِ نه هجي، عام مريض ڪيڏائن ويندا. پريس ڪانفرنس دوران ماهر ڊاڪٽرز وفاقي حڪومت پاران رمضان المبارڪ دوران نماز تراويح، افطاري ۽ ٻين عبادتن بابت ڏنل اجازت تي نظرثاني ڪرڻ جي به صلاح ڏني.

ڊاڪٽر باري چيو ته ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي، اسپتالن ۾ صحت جي سهولتن جي سخت اڻاٺ اڳ ئي هئي هاڻي صورتحال اڃا وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، ڪرونا جي روڪٿام لاءِ لاڪ ڊائون کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي ۽ ان تي عمل به ڪرايو وڃي سکڻي اعلان سان ڪجهه  نه ٿيندو، ڪراچي شهر سميت سڄي سنڌ ۾ خاص طور تي شهري آبادين ۾ وائرس جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو اسپتالن ۾ مريضن لاءِ جڳهه به نه بچي ۽ پوءِ هٿ مليندا رهجي وڃون. هن چيو ته ماڻهن جو عجيب خيال آهي ته ڪرونا وائرس کين ڪجهه به نه ڪندو، ايندڙ ڪجهه ڏينهن  خاص طور 15 مئي تائين ڪرونا جي ڪيسز ۾ اضافو ٿيڻ جو خطرو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *