Tuesday , April 23 2024

رمضان المبارڪ جي آجيان، وفاقي حڪومت پاران پيٽرول بم ڪيرائڻ ۾ باقي ڪجهه ڪلاڪ

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي تبديلي سرڪار پاران رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني جي آمد جي آجيان ڪرڻ لاءِ پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 14 رپيا في لٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.آئل اينڊ گئس رفيگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا)  پيٽرول 14 رپيا مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، اوگرا تيل جي اگهن ۾ واڌ جي سمري ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻي ڇڏي، جنهن ۾ پيٽرول جي في لٽر قيمتن ۾ 14 رپيا 37 پيسا واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي، اهڙي ريت ڊيزل 4 رپيا 89 پيسا، گاسليٽ 7 رپيا 46 پيسا، لائيٽ ڊيزل 6 رپيا 40 پيسا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز رکي وئي آهي، تيل جي اگهن بابت سمري جي منظوري وزيراعظم ڏيندو، جنهن بعد نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ سردار افتخار لنڊ، پنهنجي ڊرائيور کي ويهڪ ۾ مبينا طور لوهي راڊ وجهي انسانيت سوز تشدد

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *