Friday , April 19 2024

رمشا وساڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدار جلد گرفتارڪنداسين، ايس ايس پي عمر طفيل جي دعويٰ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نياڻي رمشا وساڻ جي قتل ڪيس ۾ پوليس اڃا تائين نه ڪنهن جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪا ڪارروائي ڪئي آهي، ايس ايس پي خيرپور عمرطفيل ميڊيا جي نمائند سان فون تي رابطا ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪرڻ جا ٺلها اعلان ڪري رهيو آهي. سنڌسماءَچار خيرپور جي خاص نمائندي جي رپورٽ موجب، ايس ايس پي خيرپور عمرطفيل هڪ پاسي بااثر شخصيتن جي چوڻ  تي جوابدارن کي بچائڻ ۽ ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي ته  ٻئي پاسي ڪجهه ميڊيا جي نمائندن ذريعي اهي خبرون هلرائي رهيو آهي ته، جوابدار ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن پر کين ضرور گرفتار ڪنداسين.

ميڊيا رپورٽس مطابق ايس ايس پي عمر طفيل چيو آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، واقعي ۾ ملوث جوابدار ڪيڏو به بااثر هجي، کيس گرفتار ڪيو ويندو. ناريءَ جي والد جي گمشدگيءَ بابت پُڇيل سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي چيو ته پرويز وساڻ کي به ڳوليون پيا، جيڪڏهن پوليس طرفان ڪارروائي ۾ سستي ثابت ٿي ته حد جي ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.

لاڳاپيل خبرون ، لنڪس تي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا

رمشا وساڻ قتل ڪيس:جوابدارن کي بچائڻ لاءِ وڏيرا سرگرم

ڪنب ڀرسان سياسي پٺڀرائي رکندڙ جوابدار گهر ۾ گهڙي 13 ورهين جي نينگري کي گولين جي بک بڻائي ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *