Friday , April 19 2024

رمشا قتل ڪيس جو مک جوابدار ذوالفقار وساڻ عرف زلو وساڻ گرفتار

ٺري ميرواهه/ڪوٽڏيجي/خيرپور (رپورٽرز سنڌسماءَچار) ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنب ڀرسان گهر اندر قتل ڪيل نياڻي رمشا وساڻ جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي عمر طفيل نينگري جو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيڻ واري ڳالهه کي ڳنڍ ڏئي ويهي رهيو. ڪنب ڀرسان ڳوٺ پير گڊو ۾ 6 ڏينهن اڳ جوابدارن پاران گهر اندر گهڙي بي رحمي سان قتل ڪيل نينگري رمشا وساڻ جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار ڄاڻايل ذوالفقار وساڻ عرف زلو وساڻ کي اي ايس پي ڊاڪٽر عمران خان جي سربراهي ۾ جوڙيل پوليس جي ٽيم زلو وساڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.  ايس ايس پي خيرپور عمرطفيل پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته زوالفقار وساڻ کي ڳوٺ پير گڊو مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي خيرپور ان ڳالهه تي به ڳنڍ ڏئي بيٺو آهي ته رمشا وساڻ کي زولفقار وساڻ چئن ٻين جوابدارن سان گڏجي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *