Wednesday , April 24 2024

رمشا قتل ڪيس؛ذوالفقار وساڻ کي پيش ڪرائڻ وارو ڊرامو

خيرپور(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڪنب ۾ بي رحمي سان قتل ڪيل نياڻي رمشا وساڻ جي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ کي پوليس آڏو پيش ڪرڻ وارو ڊرامو آهي، جنهن ۾ ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل سياسي بااثر ماڻهن سان ٻِٽ بڻيل آهي. سنڌسماءَچار کي ايس ايس پي خيرپور جي آفيس جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق رمشا جي قتل ڪيس تي پيدا ٿيل سماجي دٻاءَ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ مختلف هيلا بهانا هلايا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل سان پ پ اڳواڻ منظور وساڻ، نواب وساڻ ۽ منور وساڻ سماجي سطح تي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن سان ڪيل صلاح مشورن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته، زلو وساڻ جي پاڻمرادو گرفتاري ڏيڻ جو افواهه هلايو ويو . جنهن ۾ ان ڳالهه جو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ اهم شخصيت جي مداخلت تي پوليس آڏو پيش ٿيندو. . ذريعن ان ڳالهه جي ترديد ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته، ذوالفقار وساڻ رمشا کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ان ئي ڏينهن ڪراچي  هليو ويو هو، جتي پهريان ڊفينس ۽ پوءِ گلستان جوهر واري علائقي ۾ پناهه ورتي. ذريعن ٻڌايو ته، زلو وساڻ کي پيغام ڏياريو ويو آهي ته هُو هاڻي ڪراچي ڇڏي حب يا حيدر آباد نڪري وڃي.  جتي سندس لڪڻ جو بندوبست ڪيو ويندو.

اڄ ڪنب ۾ زلو وساڻ جي موجودگي واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي؟ واري سوال تي ايس ايس پي آفيس جي ذريعن چيو آهي ته، اڄ سومر ڏينهن منجهند جو هڪ وڳي تائين زلو وساڻ سکر ڊويزن جي حدن ۾ ئي ناهي، مطلب هُو ڪراچي ۾ آهي، اهڙيون ڪارروايون اڃا به ٿي سگهن ٿيون ۽ متان ڪو نقصان به ٿي وئي. جيستيائين بااثر سياسي شخصيتون نه چاهينديون يا وري ايس ايس پي عمر طفيل سچائي نه ٿو ڏيکاري ايستائين اهڙا ڇاپا پيا لڳندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *