Thursday , March 28 2024

رتو ديرو جي ڊاڪٽر جي لاپرواهي، نينگر جي حياتي بچائڻ لاءِ ٻانهن ڪاٽي وئي،سڄي حياتي لاءِ معذور

لاڙڪاڻو( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) رتو ديرو جي نجي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا لاپرواهي جي نيتيجي ۾ 13 ميهنن جو معصوم نينگر معذور بڻجي ويو آهي، چانڊڪا اسپتال جي ڊاڪٽرن نينگر تنوير جي ٻانهن آپريشن ذريعي ڪپي سندس حياتي بچائي ورتي آهي. لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال جي ڊاڪٽرن 13 مهينن جي معصوم ٻارڙي جي خراب ٿيل ٻانهن آپريشن ڪري ڪٽي ڇڏي، وارثن جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي ٻانهن رتيديري جي خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر لڇمڻ غلط انجيڪشن هڻڻ سبب خراب ٿي، ذميوار خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي. رتوديرو واسي حسين بخش چانڊيو جي 13 مهينن جي پٽ تنوير کي ٻانهن ۾ تڪليف سبب گذريل ڏينهن چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس آپريشن ڪري ٻانهن ڪٽي ڇڏي آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ٻارڙي کي پيٽ جي بيماري سبب رتي ديري جي خانگي اسپتال داخل ڪيو هو، جتي ڊاڪٽر لڇمڻ داس کيس غلط انجيڪشن هنئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙي جي ٻانهن خراب ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوار ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي غلط انجيڪشن هڻندڙ ڊاڪٽر خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي ۽ صحت کاتو به خاموش تماشائي بڻيل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *