Thursday , April 18 2024

رتوديرو ۾ پوليس عملدارڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ زال کي قتل کي قتل ڪري ڇڏيو،پوليس جوابدار ڌر کي بچائڻ لاءِ سرگرم

ڪارنهن الزام هيڄ مارجي ويل ظهور سيانچ جي پنهنجي گهرواري سان حياتي جي تصوير

لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو  سنڌ سماءَ چار) رتوديرو ۾ پوليس عملدار پنهجي دوست ظهور احمد سيانچ کي دعوت تي گهرائي ڪارنهن جو الزام هڻي پنهنجي زال ۽ هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويل نوجوان جي زال جو چوڻ آهي ته جوابدار اسان کي دعوت ڏئي پنهنجي گهر گهرايو ۽ منهنجي مڙس ظهور احمد کي منهنجي اکين آڏو بيگناهه ماري ڇڏيو. رتوديرو پوليس پنهنجي پٽي ڀائي پوليس عملدار غلام اڪبر سيانچ ۽ قتل ۾ سندس مددگار پٽ کي بچائڻ لاءِ مختلف بهانا ڪري رهي آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، پوليس سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪري.

ڪارنهن الزام هيٺ مارجي ويل نوجوان ظهور احمد سيانچ جي وارثن جو چوڻ آهي ته، گذريل ڏينهن رتوديرو ۾ پوليس عملدار غلام اڪبر سيانچ پنهنجي پٽ ۽ ڀاءُ سان گڏجي پنهنجي گهرواري 46 ورهين جي لطيفان سيانچ ۽ دعوت تي گهرايل ظهور احمد سيانچ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويل نوجوان ظهور احمد سيانچ جي گهرواري افسانه سيانچ جو چوڻ آهي ته کين پوليس عملدار غلام اڪبر سيانچ دعوت ڏيئي پنهنجي گهر گهرايو هو. هن چيو ته، پوليس عملدار غلام اڪبر سيانچ پنهنجي پٽ ۽ ڀاءُ سان گڏجي فائرنگ ڪري منهنجي مڙس ظهور احمد کي منهنجي اکين آڏو قتل ڪيو. مارجي وليل نوجوان جي زال جو وڌيڪ چوڻ هو ته، جوابدار پنهنجي گهرواري 46 ورهين جي لطيفان سيانچ مٿان ڪوڙو ڪارنهن جو الزام مڙهي کيس به قتل ڪري پنهنجي پٽ کي رتوديرو ٿاڻي تي پيش ڪيو. مقتول جي گهروري الزام مڙهيو آهي ته پوليس قاتل ڌر سان ٻٽ بڻيل هجڻ ڪري قاتلن جي ڏنل موقف تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جنهن سان قاتلن کي تحفظ ملي رهيو آهي، مقتول جي گهرواري جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسين قاتل پوليس صوبيدار غلام اڪبر سيانچ ۽ سندس پٽ ۽ ڀاءُ مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي آهي، پر پوليس پنهنجي پٽي ڀائي کي بچائڻ چاهي ٿي.

ان سلسلي ۾ مقتول ظهور احمد جي ڀاءُ ذوالفقار سيانچ جو چوڻ آهي ته قاتل پوليس عملدار غلام اڪبر سيانچ ۽ ٻيا مقتول جي گهرواري ۽ مون سميت ٻين گهر ڀاتين کي متمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته جوابدار ڌر بااثر ۽ پوليس عملدار هجڻ ڪري اسان جي جانين کي خطرو آهي. هن چيو ته پوليس وٽ دانهڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته جوابدارن پاران اسان جي گهر تي حملي جي ب ه منصوبابندي ڪئي پئي وئي، انڪري ئي رتودرو واري گهر ۾ ٽي ڏينهن تڏو وڇائڻ بدران رتوديرو وارو پنهنجو اباڻو گهر ڇڏي، پنو عاقل ۾ تڏو وڇايو آهي. هن چيو ته کين پوليس مان انصاف جي اميد نٿي نظر اچي، ان هوندي هو پوليس جي اعلي اختيارين کي اپيل ڪري رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *