Thursday , April 25 2024

رتوديرو ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 6 گهر ڀاتي ايڊز جي مرض ۾ مبتلا

لاڙڪاڻو(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) رتيديري ۾ ايڊز جا مريض تيزي سان وڌڻ لڳا، هڪ گهر جي 6 ڀاتين سوڌو 8 ماڻهن ۾ ايڊز جي تصديق ٿي وئي، ڊي سي لاڙڪاڻو پاران ڪئمپ کي وڌيڪ ٻه ڏينهن جاري رکڻ جو اعلان، ايڊز ڪنٽرول پروگرام سنڌ طرفان ٻي ڏينهن به ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ڊاڪٽر عبدالرحمان بلوچ، ايڇ آءِ وي سنڌ جي ڊائريڪٽر سڪندر اقبال ۽ ڪراچي جي ٽيم پاران ٽيسٽ ڪئمپ جاري آهي، ٽيسٽن دوران هڪ گهر جي 6 ڀاتين سوڌو 8 ڄڻن ۾ ايڊز جي تصديق ڪئي وئي آهي، 5 ورهين جي مجاهد پُٽ محمد قاسم گهانگهرو، سندس امڙ عجيبان زال قاسم گهانگهرو، 10 ورهين جي ارم ڌيءَ سعد الله گهانگهرو، 9 ورهين جي ثانيا گهانگهرو ڌيءَ امير بخش، هڪ ورهين جو حسام پٽ صابر حسين گهانگهرو، عبدالمنان پٽ راشد، ثمر عباس پٽ شهزادو جويو، علي رضا پُٽ علي نواز سيلرو شامل آهن. رتوديرو جي تعلقي اسپتال ۾ سوين ماڻھن پهچي ٽيسٽيون ڪرايون، اڪثريت عورتن ۽ ٻارڙن جي آھي . جڏهن ته ڊي سي لاڙڪاڻو نعمان صديقي طرفان رتيديري جي تعقلي اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ڪئمپ جو دورو ڪيو ويو. ڊي سي لاڙڪاڻو پاران ڪئمپ کي وڌيڪ ٻه ڏينهن جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،عارضي طور تي ايمرجنسي ۾ ايڇ آءِ وي سينٽر لاڙڪاڻي کي رتوديرو منتقل ڪرڻ ۽ ميڊيڪل موبائل متاثر علائقن ۾ موڪلڻ جو پڻ ڪيو ويو. ڊي سي موجب متاثر مريضن جو وارثن جي مرضي مطابق علاج ڪرايو ويندو، جي ڪراچي وڃڻ چاهيندا انهن کي ڪراچي موڪليو ويندو، جيڪڏهن لاڙڪاڻو مان چاهيندا انهن کي هتي علاج مهيا ڪيو ويندو، جڏهن ته حساس معاملي کي دٻائڻ لاءِ علائقي ۾ سياسي اثر رکندڙ ماڻهن جون ڊوڙون لڳي ويون، مسئلي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

لاڙڪاڻو؛ رتوديرو ۽ نئون ديرو ايڊز جي وبا جي ور چڙهي ويو، صحت کاتو روايتي اعلانن تائين محدود

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *