Friday , March 29 2024

ربيع جي مند ۾ پاڻي جي کوٽ ٿيندي، سنڌ کي پاڻي گهٽ ملندو: ارسا

IRSA 1

اسلام آباد: ارسا فني ڪاميٽي جو اجلاس، ربيع جي مند ۾ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي کوٽ جي امڪان، دريائي وهڪرا به گهٽجي ويا، ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب گذريل ڏينهن ارسا جي فني ڪاميٽي جو اجلاس ڊائريڪٽر آپريشن خالد راڻا جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي ڊائريڪٽرز ريگيوليشن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ صوبن طرفان پيش ڪيل پاڻي جي دستيابي واري رپورٽن جو جائزو ورتو ويو، سنڌ طرفان ڊائريڪٽر ريگيوليشن شهباز خان شرڪت ڪئي، ذريعن موجب فني ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ايندڙ ربيع جي مند لاءِ 29 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي جي دستيابي جو ڪاٿو پيش ڪيو، جنهن مان صوبن کي گهربل پاڻي فراهم ڪيو ويندو.

ارسان جي ذريعن کان سنڌسماءَچار کي مليل  ڄاڻ موجب ايندڙ ربيع جي 21 کان 25 سيڪڙو پاڻي کوٽ سنڌ ۽ پنجاب کي ڏني ويندي، ذريعن موجب 29 سيپٽمبر تي ارسا جي صلاحڪاري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ صوبن کي پاڻي پلان جاري ڪيو ويندو، جنهن موجب ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان کوٽ کان آجا هوندا، پاڻي کوٽ صرف سنڌ ۽ پنجاب کي ڏني ويندي، جيڪا 21 کان 23 سيڪڙو کوٽ هوندي، ذريعن موجب ارسا کي موسميات کاتي ربيع جي مند ۾ ڪي گهڻيون برساتون نه پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ارسا ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي چئني ندين ۾ پهريون ڀيرو حيرانگي جي حد تائين پاڻي گهٽتائي ٿي آهي.

IRSA2

سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب منگلا ۽ تربيلا نه ڀرجڻ ڪري هن ڀيري سنڌ ۽ پنجاب 25 سيڪڙو کوٽ تائين به وڃي سگهن ٿا، هوڏانهن فني ڪاميٽي جي سفارشن جو جائزو وٺڻ لاءِ ارسا جي صلاحڪاري ڪاميٽي جو اجلاس 29 سيپٽمبر تي سڏايو ويو آهي، جنهن جي صدارت ارسا چيئرمين سيد مظهر شاهه ڪندو، اجلاس ۾ چئني صوبن جا آبپاشي سيڪريٽري، تربيلا ۽ منگلا ڊيمن جا جنرل مئنيجر، واپڊا توڙي موسميات کاتي جا عملدار شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ پهرئين آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ربيع جي سيزن لاءِ صوبن کي پاڻي پلان جاري ڪيو ويندو ۽ ڪڇي ڪئنال لاءِ پاڻي جي منظوري ڏني ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *