Thursday , April 25 2024

رانونتي:عدالتي پابندي باوجود اڳوڻي ايم اين اي جي سرپئنچي ۾ جرڳو

Mian mitho jarga 01

رونتي(محمد بچل گهنڃون-سنڌسماءَچار) گهوٽڪي ضلعي جي رونتي ۾ عدالتي پابندي باوجود اڳوڻي ايم اين اي ميان مٺو جي سربراهي / سرپئنچي هيٺ ٻن برادرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻڻهي ڌرين تي مجموعي طور تي پوڻان 2 ڪروڙ رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. رونتي ويجهو حافظ آباد ۾ اڳوڻي ايم اين اي ميان عبدالحق عرف ميان مٺو جي رهائشگاهه تي اڳوڻي ايم اين اي ميان عبدالحق عرف ميان مٺو جي سرپئنچي هيٺ سڊ ۽ بنگوار برادري ۾ هلندڙ 40 سال پراڻي خوني تڪرار جو جرڳي ذريعي نبيرو ڪيو ويو. نبيري دوران بنگواربرادري پاران مير غالب خان ڊومڪي، گل محمد خان جکراڻي، شمشير خان، نياز خان کوسو ۽ ميان عبدالواحد مشير طور شريڪ ٿيا جڏهن ته سڊن طرفان سردار اظهر علي خان ڪماريو، سردار اڪرم خان سولنگي، غلام حسين چاچڙ ۽ اصغر خان چاچڙ مشير طور شريڪ ٿيا.

Mian mitho jarga 02

 سڊ برادري طرفان گلاب سڊ بيان پڌرا ڪندي بنگوارن مٿان 6 خون مڙهيا، جڏهن ته بنگوارن پاران نبيري ۾ سڊ برادري مٿان 4 ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو. جنهن بعد بند ڪمري ۾ ٻنهي ڌرين جي صلاحڪارن پاران 5 ڪلاڪن تائين ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي تي لڳايل الزامن جو جائزو وٺڻ بعد سڊ برادري جا بنگوار برادري مٿان 6 خون ثابت ٿيڻ تي بنگوار برادري مٿان هڪ ڪروڙ 37 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. بنگوار برادري جا سڊ برادري مٿان 4 خون ثابت ٿيڻ تي سڊ برادري مٿان 45 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جنهن بعد مجموعي طور ٻنهي ڌرين مٿان هڪٻئي جا 10 خون ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 82 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، هڪ ڪروڙ 37 لک مان 45 لک ڪاٽا ڪرڻ بعد باقي رهيل رقم 92 لک مان بنگوار برادري پاران سڊ برادري کي موقعي تي ساڍا 3 لک رپيا ادا ڪري باقي رهيل رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي خاطري بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *