Tuesday , April 16 2024

رائو انوار کي بهادر ٻار ڇو چيو؟ آصف زرداري خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار ) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي (پارليامينٽيرنز) جي سرباراهه آصف زرداري پاران، ملير جي معطل ۽ قتل ڪيس جي جوابدار رپورش ايس ايس پي رائو انوار کي ”بهادر ٻار/ ٻچو“ قرار ڏيڻ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي. پي ٽثي آءِ جي ايم پي اي خرم شير زمان پاران سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي. ٺهراءَ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي رائو انوار بابت بيان جي مذمت ڪئي وئي آهي. خرم شير زمان طرفان جمع ڪرايل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي صدر جعلي پوليس مقابلي ۾ معصوم شهرين کي قتل ڪندڙ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار کي بهادر ٻچو قرار ڏئي وارثن جي دل آزاري ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته رائو انوار نقيب الله محسود جعلي پوليس مقابلي ڪيس ۾ روپوش آهي، اهڙي شخص کي بهادر ٻچو قرار ڏيڻ قانون جي ابتڙ برابر آهي جنهن جي اسيمبلي کي مذمت ڪرڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *