Thursday , March 28 2024

رائو انوار جي گرفتاري سنڌ پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ امتحان بڻجي وئي

ڪراچي ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود جڙتو پوليس مقابلي ۾ هڪ ڄڻي کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي جوابدارانوار کي گرفتار ڪرڻ سنڌ پوليس لاءِ چئلينج بڻجي ويو آهي. سنڌ پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا معطل ايس ايس پي بابت اها به ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيا آهن ته اُهو آهي ڪٿي، ملڪ ۾ موجود آهي يا پرڏيهه ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.

ٻي طرف ميڊيا رپورٽس مطابق جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نقيب الله محسود قتل ڪيس کي هاءِ پروفائيل ڪيس جو درڏنو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ نقيب الله محسود قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ کي جوابدار رائو انوار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت به ڏني وئي آهي.  پوليس ذريعن موجب ڪيس جي ٻن شاهدن کي وٽنس پروٽيڪشن ايڪٽ تحت سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي ۽ ٻنهي اکين ڏٺن شاهدن جي حفاظت لاءِ پنج پوليس اهلڪار مقرر آهن.

ذريعن موجب شاهدن جي محفوظ ۽ ڳجهي رهائش جو انتظام ۽ سڃاڻپ جا مرحلا اڃا باقي آهن، جڏهن ته وٽنس پروٽيڪشن ايڪٽ تحت شاهدن لاءِ ٻيا سڪيورٽي انتظام نه ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب وٽنس پروٽيڪشن ايڪٽ تحت اکين ڏٺن شاهدن کي عدالت تائين فول پروف سڪيورٽي ۾ آڻڻو هوندو آهي پر اعليٰ عدليه جي حڪمن باوجود وٽنس پروٽيڪشن ايڪٽ لاڳو ڪرڻ لاءِ فنڊ موجود نه آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *