Friday , March 29 2024

ديواني جي خواب جهڙو نماڻو عرض– اصغر آزاد

ديواني جي خواب جهڙو نماڻو عرض– اصغر آزاد

پير پاڳارو      مخدوم جميل الزمان

ڪافي مهينن کان سوچيم پئي ته سنڌ ۾ موجود وڏين پيراڻين گادين جي موجوده گادي نشينن ڏانهن ڪو کليل خطڙو لکي  عرض ڪجي، پوءِ سوچيم نه، رڳو پيراڻين گادين جي گادي نشينن کي ڇو؟ سو اڄ هي مختصر عرض ڪجي ٿو.

سيد ظفر علي شاهه          مهتاب اڪبر راشدي

پير پاڳارو، مخدوم جميل الزامان، سيد ظفر علي شاهه، سيده نفيسا شاهه، مهتاب اڪبر راشدي، گل محمد لاٽ ( چيرمين مهراڻ گروپ آف انڊسٽريز)، جهانگير صديقي ( سربراهه جهانگير گروپ آف ڪمپنيز) ساجد علي ٻانڀڻ ( ايم پي اي خيرپور ميرس)، علي انور خان مهر – سکر

انور علي خان مهر                           ساجد علي ٻانڀڻ

ڇا اوهان جديد تعليمي نظام وارو هڪڙو اهڙو اسڪول /ڪاليج قائم نه ٿا ڪري سگهو، جتي 60 سيڪڙو غريب ۽ مسڪين شاگردن کي مڪمل طور تي مفت تعليم مهيا ڪئي وڃي. جتي بورڊنگ جي به سهولت هجي. اوهان سڀ پڄندي وارا به آهيو، سنڌ حڪومت کان ڪو ٺهيل ٺڪيل ڪاليج جي عمارت حاصل ڪري ان کي اهڙي تعليمي اداري ۾ تبديل ڪري اهو نيڪي جو ڪم شروع ڪيو.

سيده نفيسا شاهه                              گُل محمد لاٽ

اوهان کي اها به خبر هوندي ته، سنڌ مدرسته الاسلام، مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز، ناز هاءِ اسڪول خيرپور ميرس ماضي ۾ اهڙن تعليمي ادارن جو اعليٰ مثال رهيا آهن. انهن کانسواءِ سنڌ جا کوڙ سارا اهڙا بورڊنگ اسڪول به هئا جتي علائقي جا سرندي وارا پنهنجي پنهنجي حيثيت مطابق مالي امداد ڪندا رهندا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *