Friday , March 29 2024

دوڙ ويجهو باهه لڳڻ ڪري 50 کان وڌيڪ ڪکاوان گهر سڙي رک

ڳوٺ کي لڳل باهه جو ڏيک – فوٽو سنڌسماءَچار

دوڙ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) دوڙ ويجهو ڳوٺ محمد عثمان ڇٽو ۾ گهر جي چُلهه مان باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ وڌيڪ گهرن کي وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته، باهه لڳڻ شرط فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڪيو پر اهي وقت تي نه پهتا جنهن جي نتيجي ۾ باهه وڌي وئي. باهه لڳڻ جي ڪافي وقت بعد فائربرگيڊ پهچي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ايستائين 50 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا ۽ ڳوٺاڻن جو الهه تلهه سڙي رکي ٿي ويو. ڳوٺاڻن دانهيدي چيو آهي ته،  گهرن ۾ رکيل لکين رپين جا سونا زيور، اناج، هنڌ بسترا ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رکٿي ويو آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن فائربرگيڊ جلد پهچي وڃي ها ته ايترو نقصان نه ٿئي آهي. باهه لڳڻ بعد ڳوٺاڻا بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا انتظاميا ڪا سار ناهي لڌي. ڳوٺاڻن جو چون آهي ته سندن مدد ڪئي وڃي، جيئن هُو پنهنجا اجها ٺاهي سگهن.

About Asghar Azad

Check Also

سڪرنڊ: کليل گٽر2 سالن جي ٻارڙي جي حياتي کسي ورتي، _ڇا گٽرن جا ڍڪڻ پنجاب لڳائيندو يا وفاق:عوام جو سوال

سڪرنڊ شهر جي حسين آباد ڪالوني ۾ ٻن ورهين جوصفيان آرائين کليل گٽر ۾ ڪري …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *