Friday , April 19 2024

دهشتگرد گڏ ٿي رهيا آهن ۽ اسين خاموش ويٺا آهيون: مراد علي شاهه جو اعتراف

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَ چار) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعتراف ڪيو آهي ته، دهشتگرد آهستي آهستي گڏ ٿي رهيا آهن ۽ اسين خاموش ويٺا آهيون، سي ايم هائوس ۾ اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي جي قتل ۽ ان کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ٿيل اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته، ادارن کي خودمختياري ڏيڻ باوجود نتيجا سٺا نٿا ملن، شهرين جو تحفظ هر حال ۾ يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبي ۾ امن امان بابت اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن بريفنگ ڏيندي چيو ته قائد آباد حملي کان ويندي علي رضا عابدي جي قتل تائين دهشتگردن جي سمورن واقعن ۾ هڪ جهڙائي آهي. انهن واقعن کانپوءِ ڪجهه اهم گرفتاريون ڪيون ويون آهن، جلد صورتحال واضح ٿي ويندي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ بد امني وڌي رهي آهي ۽ اسان خاموش آهيون، سڪيورٽي ادارن کي خودمختيار بڻائڻ باوجود بهتر نتيجا نٿا ملن، سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان علي رضا عابدي جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽارگيٽ ڪلنگ شروع ٿي وئي آهي، علي رضا عابدي جي قاتلن کي ڪنهن به  صورت ۾ گرفتار ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ٿيل اڳ وارن واقعن ۽ علي رضا عابدي جي قتل ۾ هڪ جهڙائي آهي، ان مان ثابت ٿيو آهي هڪ ئي گروپ انهن واقعن ۾ ملوث آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني تي حملي، ايم ڪيو ايم جي ميلاد ۽ پي ايس پي جي ڪارڪنن تي حملي کانپوءِ علي رضا عابدي جي قتل جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن تي ڳڻتي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته دهشتگرد گڏ ٿي رهيا آهن، پر اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون، آخر صورتحال ڪنٽرول ڇو ناهي ٿي رهي. وڏي وزير چيو ته سڀ کان وڌيڪ واقعا ڏکڻ ڪراچي ۾ ٿيا آهن، مونکي ان ڳالهه جو آفسوس آهي ته پوليس ڇا ڪري رهي آهي. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته مون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خود مختيار بڻايو آهي، ان باوجود ڪي به سٺا نتيجا نه ملي رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته مونکي ڪنهن به صورت ۾ شهر ۾ امن گهرجي، شهرين کي خوف ۾ مبتلا رهڻ نه ڏينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *