Friday , March 29 2024

دهشتگردن قلندر لال شهباز جي مزار کي رت ۾ وهنجاري ڇڏيو، 80 کان وڌيڪ زائرين شهيد ۽ اڍائي سئو جي لڳ ڀڳ گهائجي پيا

حیدریم قلندرم مستم
بندہ مرتضٰی علی ہستم

جام مہر علی ز در دستم
بعد از جام خوردم مستم
کمر اندر قلندری بستم
از دل پاک حیدری ہستم

qalandar5 qalandar4

دهشتگردن قلندر لال شهباز جي مزار اندر آپگهاتي بم ڌماڪو ڪري  رت ۾ وهنجاري ڇڏيو آهي، بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 80 کان وڌيڪ زائرين عورتون، ٻارڙا ۽ مرد شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته اڍائي سئو کان وڌيڪ عورتون، ٻارڙا، پڪا ۽ پوڙها گهائجي پيا آهن. پيار محبت جي نگري سنڌ جي سيوهڻ شهر رت ۾ وهنجي ويو آهي.

بم ڌماڪي جي هڪ ڪلاڪ تائين سرڪاري سطح تي ڪي به امدادي سرگرميون شروع نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي زخمي زائرين قلندر جي مزار اندر ۽ ٻاهر تڙپندا رهيا، جن کي زائرين ۽ شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت موٽرسائيڪلن ۽ رڪشائن تي اسپتال منتقل ڪرڻ وارو ڪم ڪم ڪيو.

سمورن زخمين کي شروعاتي طور تي سيوهڻ جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سهولتن، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ جي نتيجي ۾ زخمي اسپتال اندر به تڙپندا ۽ مرهم پٽي لاءِ دانهون ڪندا رهيا.

قلندر لال شهببزا جي مزار اندر هر پاسي کان انسانيت بي يارو مددگار تڙپندي ۽ لڇندي رهي ، اتي ئي آخرت سنواريندڙ انسانيت جي قاتل جي جسم جا عضوا به پکڙيل هئا.

qalandar7 qalandar6

سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي درگاهه اندر بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ پانڌيئڙا شهيد ۽ اڍائي سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، تعلقا اسپتال جي ايم ايس جو چوڻ آهي ته 70 کان وڌيڪ لاش اسپتال آندا ويا آهن، اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪي وقت درگاهه اندر ڌمال هلي رهي هئي ۽ 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا. قلندر شهباز جي درگاهه اندر بم ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هر طرف قيامت جو منظر ڇائنجي ويو.

qalandar3 qalandar2

ڌماڪي جي نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ پانڌيئڙا شهيد ۽ اڍائي سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. ڌماڪي وقت درگاهه اندر قيامت صغرا برپا ٿي وئي ۽ درگاهه ۾ موجود پانڌيئڙن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته هر طرف لاش ئي لاش پکڙيل نظر آيا. ڌماڪي کانپوءِ درگاهه قلندر شهباز ۽ ڀرپاسي جي بجلي بند ٿي وئي، جنهن ڪري فوري طور امدادي ڪارروائيون شروع نه ٿي سگهيون ۽ ڪيتري ئي دير تائين شهيد ٿيلن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا. اکين ڏٺن شاهدن موجب خميس جو ڏينهن هجڻ سبب زائرين جو وڏو انگ درگاهه اندر موجود هو ۽ ڌماڪو درگاهه اندر ان وقت ٿيو، جنهن وقت ڌمال هلي رهي هئي. ڌماڪي بعد سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري زخمين کي سيوهڻ، حيدرآباد، ڪراچي، لاڙڪاڻو، ڄامشورو ۽ نوابشاهه جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

qalandarAqalandar8

جتي ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيلن ۾ 3 ٻارڙا امينه، تهمينه، مجاهد لاڙڪاڻي واسي فياض علي ويسر، نجيب شيخ، نئون ديرو واسي پيرل خاصخيلي، رضوان، بخشل کوکر، ڪاشف، ڪلثوم خاصخيلي ۽ ٻيا شامل آهن. تعلقا اسپتال سيوهڻ جي ايم ايس جو چوڻ آهي ته 70 کان وڌيڪ لاش اسپتال آندا ويا آهن، جڏهن ته 254 زخمي آهن، جن مان 40 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. تعلقه اسپتال سيوهڻ جي ايم ايس موجب زخمين کي پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽرن وسيلي نوابشاهه، حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين شهرن جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

لاڙڪاڻو: نئون ديرون واسي پير ل خاصخلي ۽ بشير کهڙو فوت، ياسين ڪوري زخمي – -لاڙڪاڻو: زخمي ۾ نئون ديرو جا علي ڏنوٻٻر،وزير ناريجو، نعيم خاصخي، آصف منگي، خليل خاصيلي، حبدار سپرو، ااضعر شيخ ۽ عامر سولنگي سميت 8 ڄڻا لاڙڪاڻو: ڌماڪي جي شهيدن ۾ عجبب شيخ، فياض ويسر الهه آباد جا رهواسي گمبٽ: قربان لاشاري فوت، 2 زخمي نوابشاهه: 4 فوت ٿي ويا، هڪ عورت، مرد ،ٻه ٻارڙا هڪ جي سڃاڻپ عاليه ڌي عاشق علي چانڊيو سيوهڻ واسي طورٿي نوابشاهه: 25 زخمي پي ايم يو اسپتال داخل زخمين ۾ شان، ديدار لاکو، اظهر عباس، ماجد علي اشرف آرائين ، عمران راهب، غلام نبي مومل، سلطان، ديدار ، ثريا شامل آهن

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *