Friday , March 29 2024

دهشتگردن جي فائرنگ ۾ قتل ڪيل جامعه فاروقيه جي مهتمم قتل مولانا ڊاڪٽر عادل خان جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار)  ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فرقيواراڻا جهيڙا ڪرائڻ جي سازش، ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني واري علائقي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ مارجي ويل ديني عالم مولانا ڊاڪٽر عادل خان جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه سندس مڙهه حب رور روڊ تي قبرستان ۾ سندس والد جي قبر ڀرسان دفنايو ويو. دهشتگردن هٿان مارجي ويل جامعه فاروقيه جو مهتمم ۽ عالم دين مولانا ڊاڪٽر عادل خان جي جنازي نماز جامعه فاروقيه شاهه فيصل ڪالوني ۾ پڙهائي وئي، جناز نماز مولانا خالد عبيدالله خان پڙهائي، جنازي نماز ۾ عالم دين مولانا محمد تقي عثماني، مفتي محمد رفيع عثماني، مولانا حنيف جالهندري، مولانا عبدالغفور حيدري، راشد محمود سومرو سميت جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.

مولانا ڊاڪٽر عادل خان کي ڇنڇر ڏينهن رات جو ساڍي ستين کان 8 وڳي دوران جامعه فاروقيه کان واپس گهر ويندي هڪ شاپنگ سينٽر مان مٺائي ۽ ٻيو سامان وٺڻ لاءِ بيٺو، سندس هڪ ملازم گاڏي مان لهي سامان خريد ڪرڻ لاءِ لٿو ته ان دوران هڪ موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري مولانا عاد ۽ سندس ڊرائيور کي قتل ڪرڻ بعد آساني سان ڀڄي ويا. واقعي جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪندي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايڊيشنل آءِ ڪراچي غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته مولانا ڊاڪٽر عادل خان ۽ سندس ڊرائيور جي قتل واري معاملي جي  جاچ هلندڙ آهي، واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به ملي ويا آهن، معاملي جي جاچ لاءِ علائقي جي جيوفينسنگ به ڪئي پئي وڃي.

سنڌ حڪومت پاران ٻيٽن بابت وفاقي حڪومت سان ڳالهين، اين او سي ڏيڻ ۽ آرڊيننس جي ڪنهن ڪنهن کي خبر هئي؟

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *