Friday , March 29 2024

دنيا ۾ مشهوري ماڻيندڙ سينئر ڀارتي صحافي ڪُلديپ نئير لاڏاڻو ڪري ويو

نئين دهلي(مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) ڀارت جو سينئر صحافي، ڪام نگار، انساني حقن جو پرچارڪ ۽ پاڪ-ڀارت دوستي جو هامي ڪلديپ نئير ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پاڪ ڀارت دوستي تي چٽو موقف رکندڙ ڪلديپ نئير کي هندو انتهاپسندن پارن ڌمڪيون به ملنديون هيون پر هُو پنهنجي موقف تي بيٺل رهيو. 1923 ۾ پنجاب جي سيالڪوٽ شهر ۾ جنم وٺندڙ ۽ ورهاڱي وقت ڀارت لڏي ويل 95 ورهين جو ڪلديپ نئير اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ميڊيا رپورٽس مطابق ڪلديپ نئير نئين دهلي جي اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو، جتي ڪافي عرصي کان علاج هيٺ هو.

ڪلديپ نئير انساني حقن جي پرچاري ڪرڻ ۽ غير جمهوري قدمن خلاف آواز اٿارڻ تي ڀارتي حڪومتن جي عتاب هيٺ به رهيو، جڏهن ڀارت ۾ هنگامي حالتون لاڳڪون ڪيون ويون هيون ته ان خلاف به هن ڀرپور آواز اٿاريو ۽ کيس ان وقت جي حڪومت گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو هو. ڪلديپ نئير 15 کان وڌيڪ ڪتابن جو مصنف ۽ سون جي تعداد ۾ اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ب ه لکيا. سندس مشهور ڪتابن ” انڊيا آفٽر نهرو – ايمرجنگ ري ٽولڊ  – بيانڊ دي لائينز “، نه رڳو ڀارت پر سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيا.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *