Thursday , March 28 2024

دفاعي مقصدن واري زمين ۽ پلاٽن تي ڪمرشل سرگرميون ڪيئن پيون ٿين: جسٽس گلزار احمد

لڳي ٿو ته ڪراچي ۾ 500 جي لڳ ڀڳ عمارتون ڊاهڻيون پونديون

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ رهائشي زمينون ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ حد دخليون هٽائڻ واري ڪيس ۾ سنڌ سرڪار جي رپورٽ رد ڪندي شهر جو اصل ماسٽر پلان پيش ڪرڻ جو حڪومت، عدالت دفاعي مقصدن واري ملٽري لينڊز تي ڪمرشل سرگرميون ختم ڪرڻ ۽ عسڪري پارڪ سول اداري حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي ۾ حددخلين خلاف جاري آپريشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عدالت پاران چئن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو به جاري ڪيو ويو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي جي راشد منهاس روڊ، ڪارساز ۽ شاهراهه فيصل تي ملٽري لينڊ جي ايراضي تي ڪمرشل سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن. عدالت ڪينٽونمينٽ بورڊز جي عملدارن کي ملٽري ايراضي تي ڪمرشل سرگرمين جي خاتمي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته هنگامي حالت ۾ ملٽري سپلاءِ لاءِ مخصوص ڪيل ايراضي مان ڪمرشل سرگرميون ختم ڪرايون وڃن. عدالت ملير ندي تي قائم سموريون عمارتون ڊاهڻ ۽ عسڪري پارڪ سول ادارن حوالي ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي آبزرويشنز ۾ اهو به چيو ته، لڳي ٿو ته شهر مان 500 جي لڳ ڀڳ عمارتون ڊاهڻيون پونديون. سپريم ڪورٽ واٽر بورڊ جي خالي ڪيل ايراضي تي پبلڪ پارڪ بڻائڻ جو حڪم ڏيندي واٽر بورڊ کي پارڪ قائم ڪرڻ لاءِ ٻن مهين جو وقت ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ شهر ۾ بنا ڪنهن فرق جي حددخلين خلاف آپريشن جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي چيئرمين ڪي پي ٽي، چيئرمين پي آءِ اي ۽ چيئرمين ڪي اليڪٽرڪ کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته سنڌ سرڪار سمورن ادارن سان گڏجي شهر جي بهتري لاءِ مضبوط پاليسي بڻائي ۽ عدالت پاران سنڌ سرڪار کي سمورن اسٽيڪ هولڊرز ۽ ماهرن سان مشاورت ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *