Thursday , March 28 2024

در تي بيهڻ جو ڪارڻ ٿو پڇين؛ زال هڻي مڙس کي ڍير ڪري ڇڏيو

ڪوٽڙي: زال جي تشدد ۾ زخمي ٿيل مڙس محبوب جهتيال – سنڌسماءَچار

ڪوٽڙي / ڄامشورو (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) عورتن جي حقن جو عالمي ڏينهن گذرڻ جي ٻئي ڏينهن تي ڪوٽڙي ۾ ان وقت ماڻهو حيران ٿي ويا، جڏهن هڪ شخص رت ڳاڙيندو وڃي ٿاڻي تي پهتو ته سندس زال اڳ ۾ ئي اتي موجود هئي. ٿيو هيئن جو ڪوٽڙي شهر جي شاهه لطيف ڪالوني جي هڪ گهر ۾ عورت گهر جي در تي بيٺي هئي، جنهن کان سندس مڙس در تي بيهڻ جو ڪارڻ پڇيو ته، سندس زال باٺا هڻي کيس رت ۾ ڳاڙهو ڪري ڇڏيو. ڌڪي ٿيڻ کانپوءِ محبوب جهتيال پاڻ سنڀ الي اسپتال وڃڻ کان اڳ ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سڌو ٿاڻي تي وڃي پهتو. محبوب جهتيال رت ڳاڙيندو جيئن ئي ٿاڻي تي پهتو ته سندس پيرن هيٺا زمين ئي نڪري وئي. ٿاڻي تي پهچڻ وقت اتي اڳ ۾ ئي سندس زال صاحبان خاتون موجود هئي، جنهن پنهنجي مڙس خلاف اڳ ۾ ئي شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي هئي، جنهن ۾ صاحبان خاتون ڄاڻايو ته هن کي سندس مڙس تشدد جو نشانو بڻ ايو آهي. پوليس محبوب جهتيال کان رپورٽ وٺڻ ۽ سندس ملم پٽي ڪرائڻ بدران کي ڪاٺ ۾ وجهي ڇڏيو، مطلب ٻڌي کڻي لاڪ ۾ واڙي ڇڏيو.

زال هٿان باٺا کائي زخمي ٿيل متاثر مڙس محبوب جهتيال ٻڌايو ته زال صاحبان منهنجي غيرموجودگي ۾ گهر جي ڇت واري پاسي کان ڏاڪڻين تي ويٺي هئي، پڇاڻو ڪيم ته ڏاڪڻين تي ڇو ويٺي آھين ته ڪاوڙجي پئي ۽ ڏنڊا هڻي رتو رت ڪري ڇڏيو. هن ٻڌايو ته روزگار سان لڳندي ئي زال جا جهيڙا شروع ٿي وڃن ٿا. هوءَ ڪڏهن گهٽ وڌ ٿي ڳالهائي ته ڪڏهن ڌڪا به ڏئي ٿي. محبوب جهتيال ٻڌائي ٿو مون صاحبان سان پسند جي شادي ڪئي هئي، پر بدقسمتي سان هاڻي زال کي نٿو وڻان. محبوب آخر ۾ اهڙي ڳالهه ڪئي جو پوليس اهلڪارن سميت صحافين ۾ به ٽهڪڙا مچي ويا، سندس چوڻ هو ته روزانو مار کائيندس، دڙڪا به برداشت ڪندس پر زال کي ڪڏهن نه ڇڏيندس.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *