Friday , March 29 2024

دريا خان مري ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، لاڙڪاڻي واسي 4 ڄڻا مارجي ويا

نوشهروفيروز(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) نوشهروفيروز جي پڊعيدن واري علائقي ۾ هٿياربندن جو هڪ گهر تي حملو، لاڙڪاڻي واسي هڪئي ڪٽنب جا 4 ڄڻا قتل، هڪ ٻارڙو زخمي، پوليس جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙ ۽ مارجي ويل پاڻ ويجها مائٽ آهن، زمين جي 10 ايڪڙن تان ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو، لاڙڪاڻي ۾ به ڌرين جا خون ٿيل آهن، متاثر نوشهري ۾ هارپوڪندا هئا. www.sindhsamaachar.com نوشهروفيروز جي خاص نمائندي پاران مليل رپورٽ مطابق، پڊعيدن ويجهو ڳوٺ گل خان مري ۾ رات دير سان هٿياربندن هڪ گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي. هٿياربندن گهر ۾ موجود 4 مردن کي هڪ پسي ڪري مٿن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن ۾ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ چارئي ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، فائرنگ دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو به زخمي ٿيو آهي. ڊي ايس پي نوشهرو فيروزايوب جو چوڻ آهي ته، مارجي ويلن ۾ حاجي خادم بگٽي، جمعو خان بگٽي،  وحيد ۽ حسين بگٽي قتل شامل آهن.

پوليس موجب مارجي ويل چارئي ڄڻا اصل ۾ لاڙڪاڻي جي ڳوٺ سلطان بگٽي جا رهواسي هئا، جتي سندن 10 ايڪڙ زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن ۾ سندن ڏاڏو مارجي ويو هو، جنهن بعد ٻڻهي ڌرين جا 12 ڄڻا اڳ ۾ به قتل ٿي چڪا آهن. www.sindhsamaachar.com کي مليل ڄاڻ موجب لاڙڪاڻي واسي بگٽي قبيلي جو هي گهراڻو برادري تڪرارن کان تنگ ٿي لاڙڪاڻي مان ڪراچي منتقل ٿي ويو هو، جتگي ڪجهه سال رهڻ بعد پڊعيدن ڀرسان اچي آباد ٿيو هو ۽ مختلف زميندارن وٽ هارپو ڪري پيٽ گذر ڪندو هو. جتي اڄ ساڻن هي واقعو پيش آيو ۽ گهر ۾ موجود سمورا مرد مارجي ويا آهن.

مارجي ويل لاڙڪاڻي واسين بابت www.sindhsamaachar.com کي مليل ڄاڻ مطابق

10 ايڪڙ زمين جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين 12 کان مٿي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. مارجي ويلن جي گهر تي حملو به سندن ئي سئوٽن ڪيو، جنهن ۾ 4 ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد آساني سان ڀڄي ويا. واقعي کانپوءِ پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچنگ ۽ ايندڙ ويندڙ رستن جي ناڪابندي ڪري ڇڏي آحي پر اڃا تائين ڪا ب ه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *