Wednesday , April 24 2024

دبئي ۾ 550پاڪستانين جون ملڪيتن جو انڪشاف

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آڏو ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل بشير ميمڻ انڪشاف ڪيو آهي پاڪستانين جي پرڏيهه ۾ 2700 ملڪيتن جو پتو لڳايوآهي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر طارق باجوه عدالت کي ٻڌايو ته دبئي ۾ 550 پاڪستاني ملڪيتن جا ملڪ آهن. سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستاني شهرين جي پرڏيهه ۾ ملڪيتن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي شنوائي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته، پرڏيهه ۾ ملڪيتون رکندڙ 20 کن ماڻهن کي عدالت ۾ گهرائي پڇاڻون ڪجي ته اندازو ٿي ويندو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران اثاثن ۽ بينڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادَي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران ڊي جي ايف آءِ اي کي 15 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستانين جا هڪ هزار ارب رپين جا اثاثا رڳو دبئي ۾ آهن.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پاڪستانين جي پرڏيهي ملڪن ۾ اثاثن ۽ بينڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي شروع ٿي ته اٽارني جنرل انور منصور خان پرڏيهه ۾ اثاثن جي واپسي جي حوالي سان حڪومتي قدمن بابت رپورٽ پيش ڪئي ۽ ٻڌايو ته برطانيا سان جوابدارن جي مٽا سٽا جو معاهدو ٿي ويو آهي. ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ انڪشاف ڪيو ته پاڪستانين جَي پرڏيهه ۾ 2700 ملڪيتن جو پتو لڳايو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر طارق باجوه عدالت کي ٻڌايو ته دبئي ۾ 550 پاڪستاني ملڪيتن جا ملڪ آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سندس اندازي موجب، پاڪستانين جي هڪ هزار ارب رپين کان وڌيڪ ملڪيت دبئي ۾ آهي، جيڪي 550 ماڻهو آهن، ان مان 15 کان 20 ماڻهن کي عدالت گهرايون ٿا، پر زبردستي ڪنهن سان نه ڪئي ويندي، آرٽيڪل 4 جا پابند آهيون.

چيف جسٽس چيو ته سمورن ماڻهن سان ملڪي قانون موجب ورتاءُ ڪيو ويندو، عدالتي حڪم سان خوف پکڙجڻ جو خدشو آهي ته حڪومت پاڻ ڪارروائي ڪري. چيف ميان ثاقب نثار هنڊي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدم نه کڻڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اٽارني جنرل منصور خان کان پڇاڻو ڪيو ته اڄ تائين اسملنگ ڇو بند نه ٿي سگهي آهي، بازاروبن اسمگل ٿيل شين سان ڀريل آهن. اٽارني جنرل ٻڌايو ته هنڊي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پهريون ڀيرو سنجيده ۽ جوڳي قانون سازي ڪئي پئي وڃي، هيل تائين 44 ايجنٽس کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. اٽارني جنرل انور منصور خان موجب، ڪراچي، لاهور، ملتان، پشاور ۽ فيصل آباد ۾ جلد ڪارروائيون شروع ٿينديون،  حڪومت ٽاس فورس ٺاهي آهي، جيڪا تڪڙا قدم کڻي رهي آهي. ڊي جي ايف آءِ اي ٻڌايو ته حڪومت جي ٽاسڪ فورس تحت ڪارروائي ڪرڻ سان حڪومت جي اونر شپ به ٿي ويندي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته حڪومت جي سموري اونر شپ حڪومت کي ڏيو، اسان ڪڏهن چيو ته اونر شپ اسان کي وٺڻي آهي، عدالت کي رڳو انهن ماڻهن جي لسٽ ڏني وڃي، جيڪي ملڪ جو پئسو پرڏيهه کڻي ويا.

چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 183/4 اسان کي اختيار ڏئي ٿو ته عوامي مفاد ۾ اهڙن ماڻهن خلاف قدم کڻو، حڪومت تڪڙا قدم کڻي. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته برطانيا ۾ گرفتار شخص 250 ملين ڊالر دبئي رستي برطانيا منتقل ڪيا، برطانيا مان سان ٿيل معاهدي کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. چيف جسٽس چيو ته برطانيا سان جيڪو معاهدو ٿيو آهي، ان ۾ ڪيتريون ڏکيايون به آهن، حڪومت هنڊي ذريعي پئسن جي منتقلي خلاف ڪهڙا قدم کنيا، جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته گرفتار ڪيل 44 ماڻهن مان 119 ملين روپيا واپس ڪيا ويا آهن. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته حلفي بيان کانپوءِ ڪارروائي اڳتي وڌائبي، عدالت اڳڀرائي لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي، جنهن تي عدالت ڊي جي ايف آءِ اي کي 15 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي هنڊي ذريعي رقم جي منتقلي جي روڪٿام ۽ پرڏيهه مان پئسن جي واپسي بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *