Friday , March 29 2024

دبئي ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ڪندڙ پاڪستانين بابت جاچ شروع،سيڙپڪارن ۾ سنڌ جا اڳوڻا ڪامورا به شامل

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ميڊيا ۾ پاڪستانين پاران دبئي ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ وارين خبرن ۽ استيٽ بئنڪ پاران معلومات نه هجڻ وارين خبرن اچڻ بعد فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي / ايف آءِ اي سرگرم ٿي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، ايف آءِ اي اڍائي سئو کان وڌيڪ دبئي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ پاڪستانين بابت باقائده جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته، دبئي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ پاڪستانين جي فهرست قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ۾ پيش ڪئي وئي آهي. وفاقي جاچ اداري طرفان دبئي ۾ رئيل اسٽيٽ سيڙپڪاري ڪندڙ پاڪستانين جي فهرست قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪئي وئي.

اسٽيڊنگ ڪميٽي  پيش ڪيل رپورٽ موجب دبئي ۾ 250 کان وڌيڪ پاڪستانين رئيل اسٽيٽ سيڙپڪاري ڪري رکي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر ايف آءِ اي جي رپورٽ دبئي اختيارين ڏانهن موڪلي جنهن ۾ 55 پاڪستانين جي سيڙپڪاري جي تصديق ٿي آهي. ذريعن موجب ڪميٽي دبئي ۾ ملڪيتون خريد ڪندڙن جو ڪيس نيب جي حوالي ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي ايف آءِ اي به دبئي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ پاڪستانين جي خريداري جي جاچ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي اسٽيٽ بينڪ کان نار ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جي مني ٽريل ۽ ٽيڪس ريٽرن جي تفصيل گهري ورتي آهي.  ان کان سواءِ اسٽيٽ بينڪ مان ملڪيتن خريد ڪندڙن جي اڪائونٽن جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق دبئي ۾ ريئل اسٽيٽ سميت مختلف ڪاروبارن ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن ۾ سنڌ جا ڪيترائي اڳوڻا/رٽائر ڪامورا به شامل آهن. مليل ڄاڻ مطابق انهن ڪامورن ۾ وفاقي قدارن مان رٽائرمينٽ ورتل ۽ ڪجهه نيب جا سٽيل به شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *