Wednesday , April 24 2024

دادو ۾ پ پ کي لوڏو، چانڊيا برادري جو تمندار برادري سميت پي ٽي آءِ ۾ شامل

دادو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) دادو ۽ قمبر ضلعن ۾ پ پ کي سياسي ڌچڪو، چانڊيا برادري جو تمندار ۽ تمندار ڪائونسل جي اڳواڻ برادري جي مختلف پاڙن سميت پ پ کي الوداع چئي ڇڏيو آهي. ميهڙ ۾ ڪجهه مهينا اڳ پنهنجي گهر آڏو هٿياربندن هٿا قتل ڪيل ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قابل ۽ مختيار جي ڪٽنب ۽ تمندار صدا حسين چانڊيو ٻليدائي ۾ سڏايل وڏي جلسي دوران لياقت جتوئي ۽ ٻين جي موجودگي ۾ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميهڙ ڀرسان ڳوٺ ٻليدائيءَ ۾ وڏي عام جلسي ۾ اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت علي جتوئي، احسان علي جتوئي، صداقت علي جتوئي، ثاقب مهيسرجي موجودگيءَ ۾ پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان کان اڳ تمندار صدا حسين چانڊيو، پرويز چانڊيو، قربان چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ ميهڙ کان ٻليدائيءَ تائين سوين گاڏين جي ريلي ڪڍي وئي.

جلسي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي تمندار صدا حسين چانڊيو ۽ پرويز چانڊيو چيو ته پ پ پ اميدوار فياض ٻٽ، عرفان لغاري، عبدالعزيز جوڻيجو ميهڙ واقعي ۾ ملوث قاتل جوابدارن جا ساٿاري آهن. هنن چيو ته اڳوڻي صوبائي وزير فياض ٻٽ ، عمران لغاري اقتدار دوران نظر انداز ڪيو ۽  ماڻهن جا ڪم نه ڪيا. هاڻي 25 جولاءِ  جي اليڪشن ۾ فياض ٻٽ ۽ عرفان لغاري کي شڪست ڏيارينداسين. جلسي کي خطاب ڪندي  اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت علي جتوئي چيو ته پ پ پ جي سياست جو سج ٻڏي ويو آهي. زرداري ٽولي شهيدن جي پارٽي کي تباهه ڪري ڇڏيو. عام چونڊن ۾ زرداري ليگ کي شڪست ڏينداسين. ان موقعي تي پي ايس 84 جي اميدوار صداقت علي جتوئي ، پي ايس 83 جي اميدوار احسان علي جتوئي ، ڊاڪٽر طلعت مهيسر ، حاجي نياز ٻرڙو ، ايڊووڪيٽ ذوالفقار کوکر ۽ ٻين خطاب ڪيو.

هي نيوز به پڙهي سگهو ٿا

هر ڀيري اليڪشن ۾ ووٽ وٺندڙ پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ڏئي سگهيا: پي ايس 28 جو اميدوار نثار شر

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *