Friday , April 19 2024

دادو ۾ ذاتي دشمني جي باهه هڪ ئي ڪٽنب جون 6 حياتيون ساڙي ڇڏيون

دادو(خاص نمائندو     سنڌسماءَچار) دادو ويجهو زمين جي مالڪي واري پراڻي تڪرار تان هٿياربندن بارود جي باهه سان 6 انساني جانيون ساڙي ڇڏيون، دادو پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ناهي سگهي. دادو جي ڊسٽرڪٽ جيل ڀرسان ڳوٺ ٻُوڪ ۾ هٿياربندن عدالتي پيشي تان واپس گهر ويندڙن جي ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي دوران ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، هٿيار بند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ٽن ڄڻن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

فائرنگ ۾ مارجي ويلن ۾ محمد مٺل، ارباب، هدايت علي، بادل لاشاري، معشوق علي ۽ شاهد لاشاري شامل آهن، جڏهن ته زخمي جو نالو محمد اعظم برهماڻي ٻڌايو پيو وڃي. پوسٽ مارٽم بعد فوتين جا لاش ڳوٺ وڏيون مَنهيون پهچايا ويا، فوتين جا لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو. ايس ايس پي تنوير تنيو ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته واقعو لاشاري ۽ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي. ايس ايس پي دادو جو چوڻ هو ته مري برادري جي هٿياربندن جي گرفتاري لاءِ سندن ڳوٺ ۽ علائقي ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن. دادو پوليس رات دير سان 8 جوابدارن کي ناليوار نامزد ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي پر ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *