Saturday , April 20 2024

”داتا درٻارڌماڪو آپريشن شامزئي جو حصو آهي“، انتهاپسند تنظيم جماعت الحرار ذميواري قبولي ورتي

لاهور ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) رمضا البارڪ جي ڀلاري مهيني جي ٻئي روزي تي لاهور ۾ داتا درٻار جي مک دروازي تي ٿيل ڌماڪي ۾ 5 پڇوليس اهلڪارن سميت 10 ڄڻا شهيد ۽ 18 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ڌماڪي جي ذميواري پابندي مڙهيل انتهاپسند دهشتگرد تنظيم جماعت الحرار قبولي ورتي آهي، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق تنظيم جي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ذميواري قبول ڪئي آهي. داتا درٻار ٻاهران ايليٽ فورس جي گاڏي ويجهو آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 5 اهلڪارن سميت ڏهه ڄڻا شهيد ۽ 18 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. داتا درٻار جي مک دروازي نمبرٻه ٻاهران ايليٽ فورس جي گاڏي ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا ٿڏي تي شهيد ٿي ويا ۽ 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيوم  ويو، زخمين مان ڪجهه اسپتال نيئندي ۽ ڪجهه علاج دوران شهيد ٿي ويا، شهيدن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو، جن ۾ 5 پوليس اهلڪار به شامل آهن. آءِ جي پنجاب ڪيپٽن ( ر ) عارف نواز خان ۽ لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر صالح سعيد تصديق ڪئي آهي ته اهو حملو آپگهاتي هو ۽ ايليٽ فورس جي اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو.

ڌماڪو ڪنهن ڪيو ۽ ڪهڙو آپريشن آهي؟؟

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق داتا درٻار تي ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي ذميواري پابندي مڙهيل انتهاپسند دهشتگرد تنظيم جماعت الاحرار قبولي ورتي آهي، تنظيم جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، داتا درٻار تي ڪيل ڌماڪو سندن ڪاررواين جي ”آپريشن شامزئي“ جو حصو آهي.

ڌماڪي کانپوءِ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار موقعي تي پهتا ۽ علائقي کي گهيري هيٺ آڻي زخمين کي ويجهي  اسپتال منتقل ڪيو. ڌماڪي کانپوءِ ميو ۽ جنرل اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي فوري طور تي اضافي عملي کي طلب ويو آهي،  ڊاڪٽرن جو وڏو انگ اسپتال ۾ موجود آهي ۽ زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. آءِ جي پنجاب ڪيپٽن ريٽائرڊ عارف نواز خان واقعي واري هنڌ پهتو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته داتا درٻار ٻاهران آپگهاتي حملي ۾ پوليس کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ ايليٽ فورس جي ٽن جوانن سميت 10 ڄڻا شهيد ٿيا.  ڊي آءِ جي آپريشن محمد اشفاق موجب ايليٽ فورس جا اهلڪار داتا درٻار جي گيٽ نمبر 2 تي فرض انجام ڏئي رهيا هئا جن کي صبح 8 لڳي 45 منٽن تي نشانو بڻايو ويو.

ڌماڪي جا سي سي ٽي وي فٽيجز ملي ويا

داتا درٻار ويجهو پوليس گاڏي ڀرسان گذرندڙ شڪي حملي آور جا سي سي ٽي وي ڪيمرا جي مدد سان فوٽيج ملي ويا آهن، جنهن ۾ ٿهيلو ۽ ڪاري رنگ جي شلوار قميض پهريل شڪي حملي آور جي تصوير تي وقت 8 لڳي 54 ڏسي سگهجي ٿو، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي آور بابت حقيقتون جلد منظرعام تي آڻڻ جو امڪان آهي. پوليس تي حملا دهشتگردن جا حملا دهشتگردن جي وائڙائپ جي نشاني آهي. آءِ جي پنجاب ڪيپٽن ( ر ) عارف نواز خان ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پوليس تي حملو دهشتگردن جي بوکلائپ جي نشاني آهي، حملي ۾ ملوث عنصرن کي جلد ڪيفر ڪردار تائين  پهچائينداسن. آءِ جي پنجاب سي سي پي او لاهور سميت ٻين آر پي اوز کي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سمورا سينيئر آفيسر فيلڊ ۾ وڃي حساس هنڌن ۽ اهم عمارتن جي سيڪيورٽي جو پاڻ جائزو وٺن پيا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *