Friday , April 19 2024

خيرپور جي ڳوٺ کولرا عباسي ۾ چورن هٿان 4 گهر ڀاتي قتل، پوليس خاموش تماشائي بڻيل

چور گهر ۾ گهڙيا ته گهر ڀاتي جاڳي پيا، مزاحمت تي هٿياربند چور چئن گهر ڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيو

پيرڳوٺ: قتل ٿيل 4 ڳوٺاڻن جا لاش ( فوٽو سوشل ميڊيا تان کنيل)

خيرپور( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پيرڳوٺ ويجهو ڳوٺ کولرا عباسي ۾ هٿياربندن پورهيت جو ڪٽنب اجاڙي ڇڏيو، فائرنگ ۾ 4 گهرڀاتي مارجي ويا، جوابدار ڀڄي ويا. ڳوٺ کولرا عباسي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پورهيت علي ڏنو جي گهرتي ڇتي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي علي ڏنو، سندس ڀاءُ خالق ۽ ٻه پٽ ماجد ۽ شاهد ٿڏي تي قتل ٿي ويا. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻائي سول اسپتال پيرڳوٺ منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. مارجي ويل ڳوٺاڻن جي وارثن جو چوڻ آهي ته هٿياربند گهر جي ڀر ۾ قائم دڪان ۾ داخل ٿي چوري جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڌڻي جاڳي پيا ۽ چورن سان مزاحمت ڪئي، جنهن تي چورن انڌدنڌ فائرنگ ڪري 4 گهر ڀاتين کي ٿڏي تي قتل ڪرڻ کانپوءِ ڀڄي ويا. چئن گهر ڀاتين جي قتل واري واقعي کي ڪيترائي ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود پوليس جوابدرن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *