Friday , March 29 2024

خيرپور جي ڪچي ۾ قبائلي تڪرار 4 ماڻهو قتل، پوليس خاموش تماشائي

پوليس ڌرين  وٽ جديد هٿيار هجڻ ڪري ڪچي ۾ وڃڻ کان لنوائڻ لڳي، ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري، وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو

 

خيرپور ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار ) خيرپور جي ڪچي واري علائقي ۾ اوڍا؛ ناريجا ۽ جتوئي برادرين جي ٽِن ڌرين ۾ خوني تڪرار وڌيڪ چئن انسانن جون حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون. خيرپور جي ڪچي واري علائقي فيض محمد ٻُنڊو جي ڳوٺ  ۾ هلندڙ ناريجا، جتوئي ۽ اوڍا برادري جي ٽن ڌرين ۾ خوني تڪرار جمعي ڏينهن ٻيهر ڪَر کيون، ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. مقامي ماڻهن کان مليل ڄاڻ مطابق ڪچي ۾ جمعي ڏينهن شام ڌاري ڌرين ۾ جهيڙُ شروع ٿيو، ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪندا رهيا. سنڌسماءَچار کان مليل ڄاڻ مطابق هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ناريجا برادري جا 2 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، ۽ ٻڻهي ڌرين جا 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا، علائقي واسين خيرپور ۽ پير جو ڳوٺ پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس ڪچي ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ پيرڳوٺ پوليس جي هڪ اهلڪار نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، ٻنهي ڌرين ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ سبب پوليس ڪچي ۾ نه وئي، جنهن وقت 2 ڄڻا قتل ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿيا هئا ان وقت زخمين مان ٻن جي حالت خراب ٻڌائي پئي وئي پر فائرنگ سبب ڪير به زخمين جي مدد لاءِ نه پهتو ۽ ٻن زخمين اُتي تڙپندي دم ڏنو، مارجي ويلن ۾ سعيد ناريجو، علي ڏنو ۽ عالم عرف عالمو ناريو شامل آهن، جن مان علي ڏنو ناريجو ڪيتري ئي وقت تائين زخمي حالت ۾ واقعي واري هنڌ پيل هو، جتي هن لڳ ڀڳ هڪ ڪالڪ کانپوءِ دم ڏنو.

پوليس ذريعن موجب علائقي واسي خيرپور پوليس کي بار بار واقعي واري هنڌ پهچڻ لاءِ فون ڪندا رهيا، پر پوليس نه پهتي ۽ 4 انساني جانيون ضايع ٿي ويو. علائقي واسين جي دعويٰ موجب لڳ ڀڳ 8 ڪلاڪ گذرڻ جَي باوجود ( جمعي ۽ ڇنڇر جِي وچ واري رات ساڍي 8 وڳي تائين) خيرپور پوليس واقعي واري هنڌ ناهي پهتي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *