Friday , March 29 2024

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي مان تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس ذريعن موجب نينگر کي اغوا ڪري جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر کي ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ ڀرسان اغوا ڪيو ويو هو جنهن جو اڄ صبح جو لاش مليو آهي.

ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ڳوٺ مگرجي واسي نائين درجي جي شاگرد صديق آريجو جو ڪچي جي جهنگ ۾ مليل لاش پوليس کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم سميت ضروري قانوني ڪارروائي بعد مڙهه وارثن جي حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته، شاگرد صديق آريجو اغوا کي اغوا ڪرڻ جي شڪ ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو هو، جوابدار عبدالرزاق خاصخيلي کان پڇاڳاڇا دوران هن نشادهي ڪئي، جنهن تي ڪارروائي ڪري ڪچي ۾ جوابدار جي ڏسيل جاءِ تان لاش هٿ ڪري ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته شاگرد صديق سان بدفعلي ڪرڻ بعد کيس قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدار رزاق خاصخيلي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *