Friday , March 29 2024

خورشيد شاهه، مراد علي شاهه ۽ ناصر شاهه کانپوءِ ڄام مهتاب ڏهر جو ووٽرز پاران گهيراءُ

گهوٽڪي(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ اڳوڻي پ پ حڪومت جي صوبائي وزيرن ۽ ٻين اڳواڻن جي گهيراءُ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، خورشيد شاهه، اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ناصر شاهه ۽ ٻين جي گهيراءَ کانپوءِ، ڏهرڪي ويجهو هڪ ووٽر ڄام مهتاب جو اڳ وٺي پڇاڻو ڪيو. ڄام مهتاب ڏهر جي پي ايس 18 جي هڪ ووٽر سندس گهيرو ڪيو. ووٽر رجب گرگيج ڄام مهتاب ڏهر جو گهيرو ڪري کيس چيو ته، ”تنهنجي ڀائيٽي اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪيو ۽ الٽو ڪيس به اسان مٿان داخل ڪرايا، تنهنجي ڀائٽيي منهنجي معصوم پٽ تي به ايف آءِ آر ڪٽرائي آهي، آخر اسان سان ايڏو ظلم ڇو پيا ڪيو، جواب ڏيو، انصاف ڪيو“. جنهن تي ڄام مهتاب ڏهر رجب گرگيج ۽ سندس پٽ کي ڌڪا ڏئي پري ڪري گاڏي ۾ چڙهي روانو ٿي ويو.

ڄام مهتاب ڏهر جو پڇاڻو ان وقت ٿيو جڏهن هُو ڏهرڪي ۾ پنهنجي تڪ پي ايس 18 جي اليڪشن مهم لاءِ قائم ڪيل آفيس جو افتتاح ڪري رهيو هو. ان دوران ئي رجب گرگيج، سندس معصوم پٽ ۽ ٻين پاران صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر جو گهيرو ڪيو. رجب گرگيج پنهنجي معصوم پٽ اساما سميت ڄام مهتاب ڏهر آڏو دانهون ڪندي چنڀڙي ويا، ان دوران رجب گرگيج دانهون ڪندو رهيو ته توهان مونسان ظلم ڪيو آھي ۽ منهمجي معصوم پٽ اساما تي بي گناهه ڪيس ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪرائي آھي. معصوم اساما رڙيون ڪندو گاڏي اڳيان ليٽي پيو ته جيالن معصوم اساما ۽ ان جي پيء رجب کي پڪڙي روڊ تي ڦٽو ڪري ڇڏيو ان دوران ڄام مهتاب ميڊيا وارن کي جواب ڏيڻ بدران گاڏي ۾ چڙهي گولي ٿي ويو. رجب گرگيج ميڊيا  کي ٻڌايو ته ڄام مهتاب جي ڀائٽي ڄام ياسر خان مون تي ۽ منهمجي ڏھن سالن جي  معصوم پٽ اساما  تي اوٻاوڙو ٿاڻي تي گناهه نمبر 91/ 2018  تحت ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *