Friday , March 29 2024

خوراڪ کاتي جي خدمت، ڪنڌڪوٽ ضلعي مان سوا ارب رپين جي ڪڻڪ گم

سکر(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) خوراڪ کاتي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي جي خوراڪ کاتي جي عملدارن سوا ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪڻڪ گم ڪري ڇڏي، بچيل ڪڻڪ ۾ مٽي ملائي رکي ڇڏي، نيب ڇاپو هڻي گودام سيل ڪري ڇڏيا، ترجمان جو چوڻ آهي ته ضلعي جي 5 گودامن مان ڪڻڪ جون 2 لک ٻوريون گم ڪيون ويون. نيب سکر جي ٽيم جمعي ڏينهن مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ڪشمور ضلعي ۾ خوراڪ کاتي جي 5 کان وڌيڪ گودامن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ ۽ گودامن جو جائزو ورتو، جنهن دوران 2 لک ڪڻڪ جي ٻورين گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو. ان سلسلي ۾ نيب ترجمان تصديق ڪندي چيو آهي ته، خوراڪ کاگتگي جي 5 گودامن مان 2 لک ڪڻڪ جون ٻوريون گم هيون، گم ٿيل ٻه لک ٻورين جي ماليت مارڪيٽ جي اگهه مطابق هڪ ارب 20 ڪروڙ رپيا ٿئي ٿي. نيب ترجمان موجوب گودامن پيل ٻورين جو معائنو ڪيو ته انهن ۾ ان سان اڌواڌ  مٽي ملايل هئي، جنهن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته پيل ڪڻڪ به وزن جي حساب سان کٽل هوندي. نيب پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته خوراڪ کاتي جا 5 گودام سيل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *