Friday , March 29 2024

خوراڪ کاتي جو ڪرپشن ۾ ملوث مفرور رٽائرڊ ڪامورو گرفتار

سکر( سنڌ سماءَچار نيوز) اينٽي ڪرپشن ٽيم سکر ۾ ڪارروائي ڪري خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن ڪيس جي مفرور جوابدار اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر محمد حنيف سومرو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته، حنيف سومرو ڪرپشن ڪيس ۾ مفرورو هو کيس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي سوگهو ڪيو.

اينٽي ڪرپشن ڳجهي اطلاع تي لکي در واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري اشتهاري جوابدار  اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر محمد حنيف سومرو کي گرفتار ڪيو.  اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر عبدالقادر دراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گرفتار ٿيل جوابدار حنيف سومرو تي ڪڻڪ جي خريداري ۾ خرد برد ڪرڻ سان گڏ ٻوريون وڪرو ڪرڻ جا ڪيس داخل ٿيل آهن. اينٽي ڪرپشن عملدارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدار اشتهاري ڏوهاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *