Friday , March 29 2024

خواجا سعد رفيق، شاهد خاقان عباسي، ناصر شاهه ڪروڙين رپين جا قرضي هجڻ جو انڪشاف

Sharjeel PC1Ghous bux mahar

اربين رپين جا اثاثا رکندڙ ڪيترائي چونڊيل عوامي نمائندا مختلف خانگي توڙي سرڪاري ادارن ۽ عام ماڻهن جا قرضي هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سندن قرضي هجڻ جي ڪنهن به سازشي پروپئگنڊا ناهي ڪئي پر انهن چونڊيل عاومي نمائندن پاڻ لکت ۾ ان ڳالھ جو اعتراف به ڪيو آهي.

چونڊيل عوامي نمائندن بابت، اليڪشن ڪميشن پاران ميمبرن جي 2016ع جي جاري ڪيل اثاثن موجب وفاقي وزير خواجا آصف، خواجا سعد رفيق، شاهد خاقان عباسي، اسپيڪر سردار اياز صادق، شيخ آفتاب، شيخ رشيد، مرتضيٰ جتوئي، ناصر شاهه، محمد بخش مهر، غوث بخش مهر، شهريار مهر، فريال ٽالپر، شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا ميمبر قرضي ظاهر ٿيا آهن.

اليڪشن ڪميشن جي ۾ جمع ڪرايل قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن پاران جمع ڪرايل حساب ڪتاب جي تفصيلن موجب سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ صوبائي وزير سيد ناصر شاهه زرعي ترقياتي بئنڪ جو 3 لک 90 هزار رپين ۽ سردار محمد بخش مهر 3 ڪروڙ 51 لک 25 هزار 507 رپين جو قرض ظاهر ڪيو آهي. شڪارپور مان چونڊيل شهريار مهر تي مجموعي طور تي 13 ڪروڙ 5 لک 34 هزارن جو قرض آهي، جنهن ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ جو 7 لک 79 هزار 295 رپيا، گلشن رحمان رهائشي پراجيڪٽ تي 6 ڪروڙ 42 لک 95 هزار 977 رپيا، جڏهن ته لڪي پراجيڪٽ تي 6 ڪروڙ 54 لک 56 هزار قرض شامل آهي، نوابشاهه مان چونڊيل سليم رضا 8 لک 63 هزار 688 رپيا، خيرپور مان چونڊيل ايم پي اي نعيم کرل 88 لک 53 هزار 710 رپين جو قرضي آهي.

Muhammad bux maharshaharya mahar

خورشيد احمد جوڻيجو 12 لک 39 هزار 910، شرجيل انعام ميمڻ 3 ڪروڙ 44 لک 61 هزار 774 رپين، ٽنڊي الهيار مان چونڊيل سيد ضياءُ عباس شاهه 6 لک 90 هزار 150 رپيا، مير الله بخش ٽالپر هڪ ڪروڙ 70 لک، اسماعيل راهو 17 لک 12 هزار، ڪي اين شاهه مان چونڊيل عبدالعزيز جوڻيجو 19 لک 99 هزار رپيا، سانگهڙ مان چونڊيل سعيد خان نظاماڻي 19 لک 99 هزار، ڄام مدد علي خان 51 لک، فياض ڏيرو 4 لک 40 هزار، سيد امير حيدر شاهه شيرازي 7 لک 30 هزار، اويس مظفر تي پاڪستان ۾ 84 لک ۽ يو اي اي ۾ 83 لک 33 هزار 110 اي اي ڊي جو قرضي آهي، ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد تي 5 لک 63 هزار ۽ شفيع محمد ڄاموٽ تي 6 لک رپيا قرض آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ سنڌ مان چونڊيل ميمبرن مان غوث بخش مهر تي 7 لک 38 هزار 537، فريال ٽالپر 60 لک، احسان الرحمان مزاري 17 لک 50 هزار، غلام مرتضيٰ خان جتوئي تي 72 لک 48 هزار 979، ڊاڪٽر عذرا فضل پنهنجي مڙس ڏانهن ڪريڊٽ ڪارڊن جو 6 لک 82 هزار، ڪمال چانگ 35 لک ۽ اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا پنهنجي ۽ مڙس جي اثاثن ۾ 5 ڪروڙن جو قرض ظاهر ڪيو آهي، فقير شير محمد بلالاڻي 5 لک، ملڪ اسد سڪندر 50 لک، عمران ظفر لغاري 5 لک 37 هزار 750 رپيا، اياز شاهه شيرازي 5 لک، خواجا سهيل منصور 9 ڪروڙ 44 لک 65 هزار، عبدالوسيم هڪ لک 84 هزار، فاروق ستار 13 لک، مولانا امير الزمان 4 لک 80 هزار، زيب جعفر 4 لک 14 هزار، شهزادي عمر زادي ٽوانا 17 لک، تهمينه دولتانا 4 لک 52 هزار، شيرين مزاري 20 لک 56 هزار 307، طاهره بخاري 4 لک، ڀاون داس 2 لک، اسفند يار ڀنڊارا 15 ڪروڙ 24 لک، وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي 3 ڪروڙ، غلام سرور خان 4 لک 98 هزار، ملڪ ابرار احمد 33 لک، شيخ رشيد 28 لک، شيخ آفتاب 29 لک، عبدالمجيد خان 29 لک، چوڌري عابد نظير 2 ڪروڙ 47 لک، قيصر احمد شيخ 94 لک 75 هزار رپين جو قرضي آهي.

khuwaja Asifkhuwaja saad rafique

صاحبزاده محمد نظير سلطان 5 لک، نجف عباس سيال 8 لک 90 هزار، چوڌري خالد جاويد 25 لک 42 هزار، ميان طارق محمود 3 ڪروڙ، جعفر اقبال 12، ناصر اقبال 5 لک، خواجا آصف 7 ڪروڙ 71 لک، اسپيڪر سردار اياز صادق 24 لک، شيخ روحيل اصغر 15 لک 65 هزار رپين، لبنيٰ روحيل اصغر 14 لک 58 هزار رپين ، خواجا سعد رفيق 43 ڪروڙ 40 لک، رانا افضال 4 لک 9 هزار، راڻا تنوير حسين 5 لک 88 هزار رپين، بلاول ورڪ 45 لک، رانا محمد اسحاق خان هڪ ڪروڙ رپين، ميان معين وٽو هڪ ڪروڙ 93 لک رپين، راڻا محمد قاسم نون 80 لک ۽ سردار جعفر لغاري 81 لک جو قرضي آهي.

Naeem KharalMurtiza Jatoi

نواز ليگ جي سنڌ سان واسطو رکندڙ پر پنجاب مان سينيٽر ٿيل راحيلا مگسي پاڪستان جي هڪ نجي بئنڪ جي لنڊن برانچ جي هڪ ڪروڙ 3 لک 80 هزار رپين جي قرضي نڪتي آهي. عبدالقيوم 17 لک 41 هزار رپين ۽ (ن) ليگ جي نزهت صادق هڪ ڪروڙ 70 لک 38 هزارن جو قرض ظاهر ڪيو آهي، پ پ سينيٽر اسلام الدين شيخ 6 لک 14 هزار، ايم ڪيو ايم سينيٽر خوش بخت شجاعت 14 لک 40 هزار، پ پ سينيٽر سليم مانڊوي والا ڪريڊٽ ڪارڊن جي مد ۾ 3 لک 51 هزار رپين جو پاڻ تي قرض ظاهر ڪيو آهي، پ پ جي شيري رحمان دبئي اپارٽمينٽ تي ورتل 6 ڪروڙ 67 لک جو قرض ظاهر ڪيو آهي، رحمان ملڪ پاڻ مٿان 11 لک پائونڊ جو قرض ظاهر ڪيو آهي، پ پ جي ڊاڪٽر ڪريم خواجا ڏانهن قسطن تي ورتل ڪار جي مد ۾ 2 لک 90 هزار، پ پ جو سعيد غني سنڌ بئنڪ جو 11 لک 47 هزار رپين جو پاڻ کي قرضي ظاهر ڪيو آهي.

سينيٽ جو اڳوڻو چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ پنهنجي ٻن گهرن جي وڪري جي مد ۾ ايڊوانس ورتل 6 ڪروڙ 50 لک رپيا قرض طور ظاهر ڪيا آهن. ايم ڪيو ايم جي سينيٽر محمد علي سيف پاڻ مٿان هڪ ڪروڙ 21 لک رپين جو قرض ظاهر ڪيو آهي، پ پ جي تاج حيدر مٿان هڪ لک 80 هزار، ايم ڪيو ايم جي فروغ نسيم پنهنجي اثاثن ۾ 54 لک 46 هزار جو قرض ظاهر ڪيو آهي، پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز ڪل 4 ڪروڙ 56 لک 43 هزار 670 رپين جو قرضي آهي، ان مٿان خيبر بئنڪ جو هڪ ڪروڙ 99 لک 12 هزار 670 رپيا قرض، جڏهن ته شبلي فراز پنهنجي امڙ، ڀاءُ ۽ گهرواري جو به پاڻ کي قرضي ظاهر ڪيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ  شبلي فراز پاڻ کي پنهنجي ماءُ جو 41 لک 50 هزار، ڀاءُ جو هڪ ڪروڙ 4 لک 6 هزار، گهرواريءَ جو هڪ ڪروڙ 10 لک ۽ عثمان نالي شخص جو هڪ لک 75 هزار رپين جو قرضي ظاهر ڪيو آهي، پي ٽي آءِ سينيٽر محسن عزيز مٿان 4 لک 65 هزار، (ن) ليگ جي ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ صلاح الدين ترمزي مٿان 53 هزار 333 رپيا، جي يو آءِ سينيٽر طلحه محمود 6 ڪروڙ 90 هزار ۽ پي ٽي آءِ جي ارب پتي سينيٽر اعظم سواتي پاڻ مٿان 51 ڪروڙ 68 لک 13 هزار رپين جو قرض ظاهر ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *