Saturday , April 20 2024

خواجا آصف گرفتار نه پر اغوا ٿيو آهي، حالتون الائي ڪيڏانهن وينديون: مريم نواز

خواجا آصف کي نواز شريف جو ساٿ ڇڏڻ لاءِ ڌمڪيون ملنديون رهيو آهن: مريم نواز

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نون ليگ جي سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته خواجا آصف کي گرفتار ناهي ڪيو ويو پر کيس اغوا ڪيو ويو آهي، خواجا آصف کي آزاد ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ حالتون ڪيڏانهن وينديون ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. خواجا آصف جي گرفتاري کانپوءِ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، حڪومت انتهائي ڪريل حرڪتن تي لهي آئي آهي، خواجا آصف کي نيب گرفتار ناهي ڪيو پر کيس اغوا ڪيو ويو آهي، کيس آزاد ڪرڻو ئي پوندو جيڪڏهن نه ته خبر ناهي حالتون ڪيڏانهن وينديون. مريم نواز چيو ته خواجا آصف پهريان ئي ٻڌايو هو ته، هن کي چيو ويو ته نواز شريف جو ساٿ ڇڏي ته سندس خلاف ڪيس هڪ هفتي ۾ ختم ٿي ويندا، پر هن انهن صاف صاف ٻڌايو هو ته هُو ڪنهن به صورت ۾ نواز شريف جو ساٿ نه ڇڏيندو ۽ ان لاءِ هُو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو.

 

لمس ڄامشورو ۾500 کان وڌيڪ ملازمن جي غيرقانوني ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف،پرو-وي سي تي پارٽ ٽائيم دوران پي ايڇ ڊي جو الزام

پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻن استعيفائن جي مخالفت ڪري ڇڏي

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *