Tuesday , March 19 2024

خواب ڏسندڙ منظور وساڻ جو ايندڙ سال لاءِ ڪمند جي آبادگارن لاءِ وڏو خواب

ڪراچي ( چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت جو ڪارنامو، خواب ڏسندڙ زراعت کاتي بابت وڏي زوير جي صلاحڪار منظور وساڻ ڪمند جي ايندڙ سيزن لاءِ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪمند جي آبادگارن کي هلندڙ سيزن 2023 جو صحيح اگهه نه ڏياري سگهندڙ سنڌ حڪومت، ڪمند جي ايندڙ سيزن 2023/2024 لاءِ ڪمند جو في مڻ اگهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته ڪمند جي نئين فصل جو امدادي اگهه 450 رپيا في مڻ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪمند جو امدادي اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ زراعت واري کاتي ڪمند جو امدادي اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ سنڌ ڪابينا کي خط لکي ڇڏيو آهي، منظور وساڻ چيو آهي ته ڪمند جي امدادي اگهه سان هاري وڌيڪ فصل پوکيندا ۽ محنت ڪندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *