Friday , March 29 2024

خان پور: ٻن ڌرين ۾ جهيڙي 3 انساني جانيون ڳڙڪائي ورتيون، پوليس تماشائي بڻيل

Khanpur murder

خانپور ويجهو ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار تان 3 ڄڻا قتل ۽ فائرنگ ۾ عورت ۽ واٽهڙو سميت 13 ماڻهو زخمي ٿي پيا، پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، پوليس 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود مامري جو ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. خانپور جي فيضو ۽ رستم ٿاڻن جي گڏيل حد مرزا واهه واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي سعد خاناڻي ۽ بڊاڻي پاڙن جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار ٻيهر ڪر کنيو آهي. ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان ٻيهر آمهون سامهون فائرنگ جي ڏيوٺ دوران 3 ڄڻا مارجي ويا.

ڌرين ۾ جهيڙي دوران مارجي ويلن ۾ 48 ورهين جو عبدالجبار بڊاڻي جتوئي ۽ 28 ورهين جو نورالدين سعدخاناڻي جتوئي ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته بڊاڻي جتوئي برادري جا محمد اسماعيل بڊاڻي جتوئي، عبدالرزاق، محمد سليم، نور حسن، محمد ياسين، الھڏنو، تڳيل، طيب  شھزادو، نور حسن، رسول بخش، اشرف خاتون بڊاڻي جتوئي،ٻي ڌر جي 12 ورهين جي نينگري ڀلي ڌيءَ ڄام حليلي جتوئي ۽ واٽھڙو گل حسن بروهي شديد زخمي ٿي پيا، واقعي جو اطلاع بروقت علائقي واسين ايس ايس پي شڪارپور ڪنٽرول، خانپور، رستم ۽ فيضو ٿاڻن جي پوليس کي ڏنو، جيڪي اطلاع باوجود واقعي واري هنڌ ڪونه پھتا. جنهن بعد ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمين کي فوري طور تي خانپور، شڪارپور ۽ سکر اسپتالن ڏانهن کڻائي ويا، جتي شديد زخمي ٿيل 45 ورهين جو محمد اسماعيل بڊاڻي سکر جي هڪ خانگي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، هوڏانهن ڌرين ۾ لاڳيتو 5 ڪلاڪن تائين هلندڙ ڇتي فائرنگ ۽ ويڙهه سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، جنهن سبب علائقي ۾ سخت ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي 10 پوليس موبائيلن ۾ سوار هڪ سئو کان وڌيڪ اهلڪار اي پي سي چين ساڻ ڪرڻ باوجود پوليس ڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ ۽ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ توڙي خونريزي کي روڪرائڻ بدران ڪيترو ئي وقت فيضو ٿاڻي تي ويٺل رهي، 5 ڪلاڪن تائين ڌرين ۾ هلندڙ ويڙهه بعد پوليس علائقي جي بااثر شخصيتن جي معرفت ڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ بند ڪرائي ورتي، هوڏانهن مقتول عبدالجبار بڊاڻي جتوئي، محمد اسماعيل بڊاڻي جتوئي ۽ نور الدين سعد خاناڻي جتوئي جا لاش الڳ الڳ طور وارث عورتون خانپور اسپتال کڻائي آيون، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، هوڏانهن ڊي ايس پي خانپور جي اڳواڻي ۾ ضلعي شڪارپور جي مختلف ٿاڻن جي 10 پوليس موبائيلن ۾ سوار هڪ سئو جي لڳ ڀڳ اهلڪار ساڻ ڪري ڪالهه شام جو جھيڙي کانپوءِ خانپور ويجھو ڳوٺ غازي سعد خاناڻي جتوئي، ڳوٺ جھنڊو سعد خاناڻي جتوئي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن تي چڙهايون ڪري پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي تلاشي ورتي، جتان پوليس ٻن ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، بعد ۾ جعفري برادري جو همراهه بيڏوهي هجڻ ڪري کيس آزاد ڪيو ويو آهي.

خانپور: جتوئين ۾ جهيڙو 11 جانيون ڳڙڪائي چڪو آهي

خانپور : خانپور ويجھو جتوئي برادري جي سعدخاناڻي ۽ بڊاڻي پاڙن جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار دوران هن وقت تائين واٽھڙو سميت ٻنھي ڌرين جا 11 ڄڻا قتل ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن، علائقي جي زرعي زمين بنجر ۽ اسڪول توڙي صحت مرڪز بند پيل آهن، شڪارپور پوليس انتظاميا توڙي سرڪار جھيڙي جي خاتمي لاءِ ڪي به اثرائتا ۽ سنجيده قدم نه کنيا آهن، جنهن سبب ڌرين جا هٿياربند هڪٻئي جي خون جا پياسا لڳا پيا آهن ۽ ڌرين ۾ هر آئي ڏينهن ٿيندڙ فائرنگ جي واقعن توڙي جھيڙي سبب علائقي واسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ جھيڙن ۾ بيگناهه انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو رڪجي ناهي سگھيو، هوڏانهن  هتان جي سڄاڻ ڌرين سنڌ سرڪار کان جھيڙيندڙ ڌرين خلاف ڪارروائي ڪري خانپور تعلقي ۾ هلندڙ خوني تڪرار ختم ڪرائي بيگناهه ضايع ٿيندڙ انساني جانيون بچائڻ جي گھر ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *