Wednesday , April 24 2024

خانپور ۾ معصوم نينگرن سان زيادتي جي ڪوشش، جوابدار گرفتار نه ٿيا

خانپورمهر ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ وحشي صفت ماڻهن پاران معصوم ٻارڙن کي وحشت جو نشانو بڻائڻ جي واقعن ۾ واڌ ٿيڻ لڳي آهي، ٻارن جي حقن لاءِ قائم سماجي تنظيمن ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي. خانپور مهر ويجهو 4 ورهين جي معصوم ٻارڙي ۽ سندس امڙ تي ڪتا بڇڻ واري واقعي جو عدالتي حڪم تي ٻن جوابدارن خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ لنڊ بازار ۾گاھ ڪرڻ کان روڪڻ تان ٻن جوابدارن پاران مبينا طور نينگري سڪينا لنڊ ۽ سندس ماءُ فضيلا تي ڪتن جي بڇ ڪرائڻ واري معاملي بابت ميڊيا رپورٽون اچڻ تي سيشن جج گھوٽڪي شرف دين شاھ نوٽيس وٺندي ڌرين کي طلب ڪري ورتو.  سيشن جج گھوٽڪي جي حڪم بعد خانپور مھر پوليس زخمي ٻارڙي سڪينا لنڊ جي مامي عبدالمجيد لنڊ ۽ جوابدار غلام قادر ڪنڀر کي عدالت ۾ پيش ڪيو.  عدالت ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او خانپور مھر کي فريادي جي موقف موجب ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالتي حڪم تي خانپور پوليس ٻن جوابدارن عبدالقادر ڪنڀر ۽ الهه ڏنو ڪنڀر خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي. ٻئي پاسي ڪتن جي ڏاڙهيل ٻارڙي سڪينا لُنڊکي سکر جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويوآهي، جتي سندس علاج جاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *