Wednesday , April 24 2024

خانپور ڀرسان پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم جي مبينا باغي ميمبر دهشتگرد جو لاش هٿ

خانپور (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) شڪار پور جي خانپورواري علائقي مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم جماعت الاحرار سان لاڳاپيل دهشتگرد طور ٿي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگرد جي کيسي مان هڪ پرچي ملي آهي، جنهن مان سندس سڃاڻپ ٿي. خانپور جي ڳوٺ گامڻ پهوڙ ڀرسان هڪ شخص جو لاش مليو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي واسين لاش جو اطلاع ڏنو جيڪو کڻائي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿ آيل همراهه جي لاش جي سڃاڻپ سندس کيسي مان مليل پرچي مان ٿي آهي. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته، پرچي تي ان شخص جو نالو اول خان پٽ سليم خان، قوم سليمان خيل ڄاڻايل آهي. رهائشي ڏس پتو ٿون پل ڳوٺ ڪرياڻي تعلقو سراءِ عالمگير ضلعو گجرات آهي. پوليس جي دعويٰ مطابق پرچي ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته ” ٻڌو جماعت الاحرار سان غداري ڪندڙن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ساٿ ڏيندڙ سان اهڙو حشر ٿيندو“. خانپور پوليس همراهه جي لاش جا نادرا ذريعي فنگر پرنٽس ورتا. رابطو ڪرڻ تي خانپور پوليس ٻڌايو ته همراهه جي هن مهل تائين جيڪا سڃاڻپ آهي هو پرچي واري آهي، وڌيڪ معلوم ڪرڻ لاءِ نادرا ذريعي فنگر پرنٽس وٺرايا آهن، جنهن جي رپورٽ ڪجهه ڏينهن اندر ايندي، اعليٰ آفيسر پرچي موجب ضلعي گجرات جي پوليس سان رابطي ۾ آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، آخري اطلاع تائين لاش خانپور اسپتال جي مرده خاني ۾ پيل هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *