Saturday , April 20 2024

خانپور: جتوئين ۾ خوني جهيڙو نبري ويو، 27 خونن جو 3 ڪروڙ 30 لک ڏنڊ مقرر

Abid Jatoidr ibrahim jatoi

سنڌسماءَچار: جتوئي برادري جي ٻن پاڙن بڊاڻي جتوئي ۽ سعيد خاناڻي جتوئي ڌرين ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڏوهارين واري معاملي تان شروع ٿيل خوني تڪرار جو جرڳو ڪري نبيرو ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ۽ مير عابد جتوئي جي سرپئنچي ۾ ٿيل جرڳي ۾ ٻنهي ڌرين تي هڪ ٻارڙي ۽ هڪ عورت سميت 27 خونن جو مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 30 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪري ڌرين کي ٻيهر ڦڏو ڪرڻ تي 20 لک ڏنڊ ڀرڻو پوندو.

خانپور واري علائقي ۾ 3 سال اڳ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران مارجي ويل ٻن ڄڻن وار ي مامري تان شروع ٿيل خوني تڪرار جو جرڳي ذريعي نبيرو ڪيو ويو آهي. اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مير عابد خان جتوئي جي سرپئنچي هيٺ جرڳو ٿيو. جرڳي ۾ ٻنهي ڌرين تي هڪ ٻئي جا 24 خون ۽ 3 واٽهڙن جا خون ثابت ٿيا. جرڳي ۾ سرپئنچن ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌڻ ۽ امينن جا بيان ٻڌڻ بعد جرڳي جي فتويٰ اڳوڻي صوبائي وزير مير عابد حسين جتوئي پڙهي ٻڌائي.

فتويٰ ۾ بڊاڻين جا 12 خون سعدخاناڻي واري ڌر تي ثابت ٿيا ۽ سعدخاناڻين جي ڌر تي بڊاڻين جا 12 خون ثابت ٿيا. ٻنهي ڌرين وچ ۾ تڪرار دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دوران مارجي ويل 5 سالن جي ٻارڙي رضيه چنو، هڪ عورت مسمات حاڪم خاتون ڀُرڙ جتوئي (ڀُرڙو جتوئي جهيڙي ۾ نه هئا) ۽ هڪ ريٽي برادري جي هڪ نوجوان جو خون بڊاڻين واري ڌر تي ثابت ٿيا. جرڳي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهن ٽنهي خونن جي ڏنڊ واري رقم مارجي ويلن جي وارثن کي بڊاڻي برادري ادا ڪندا. جرڳي ۾ ٻنهي ڌرين تي 27 خونن جو مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 30 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ خوني تڪرار مبينا پوليس مقابلي دوران مارجي ويل اربيلو سعدخاناڻي جتوئي سميت 2 ڄڻا ( مبينا ڏوهاري) مارجي ويا هئا. سعد خاناڻي برادري بڊاڻي برادري تي انهن ٻنهي ڄڻن جي مارجڻ جو الزام بڊاڻين تي هنيو ته انهن کي پوليس جي مخبري ڪري سندن همراهن کي مارايو هو. جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ خوني تڪرار جنم ورتو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *