Tuesday , March 19 2024

خانپورمهر ۾ سڱ نه ملڻ تي جوابدار ناري کي قتل ڪري ڀڄي ويو

خانپورمھر(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  شادي لاءِ سڱ ڏيڻ کان جواب ملڻ تي وحشي صفت همراهه نوجوان ناري کي قتل ڪرڻ بعد ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هٿياربن ساٿين سان گڏ موٽر سائيڪل سوا جوابدار خانپور مهر جي بنگل ڪانٽي وٽ موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ  ڪري 17 ورھين جي ناري رابعا بوڪ کي گوليون ھڻي ڪري قتل ڪري ڇيڏو.

پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي  ناري  جو لاش تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. مارجي ويل نوجوان ناري رابعا جي امڙ نظيران بوڪ ٻڌايو ته سندس ڌي رابعا کي علي نواز مھر نالي جوابدار قتل ڪيو آھي. هن چيو ته جوابدار علي نواز مھر ڌي رابعا سان شادي ڪرڻ چاھي پيو، انڪار ڪرڻ تي کيس قتل ڪري ظلم ڪيو آھي. اطلاع باوجود پوليس جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *